شگر ملون بند ڪرڻ زيادتي آهي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ملرز طرفان شگر ملون بند ڪرڻ جي مذمت ڪندي ان کي آبادگار دشمن ۽ ھاري دشمن عمل قرار ڏنو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ٽن ڏينھن کان بلاجواز شگر ملون بند ڪري آبادگارن کي سستي اگھ تي ڪمند ڏيڻ لاء بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي۔ ڪمند خريد نہ ڪرڻ سبب آبادگارن جو ڪمند سڪي رھيو آھي، جنھن ڪري انهن جو معاشي نقصان ٿي رھيو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ شگر مل مالڪ مافيا بڻجي آبادگارن کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن۔ سنڌ حڪومت مل مافيا اڳيان بيوس ھجڻ جو ڊرامون ڪري رھي آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي نقصان پهچي رهيو آهي۔ ملون بند ٿيڻ ڪري ڪمند  ڪٽائي لاء ايندڙ مزدور طبقو پڻ مالي بحران ۾ مبتلا ٿي رهيو آهي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪمند سميت ھر وڏو فصل لھڻ کانپوء انھن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪري زراعت کي تباھ ڪيو وڃي ٿو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪڻڪ لھڻ کان پوء باردانو گم ڪيو ويندو۔ ساريون، ڦٽيون ۽ ٻيا فصل لھڻ شرط انھن جا اگھ ڪيرايا ويندا۔ اھو سنڌ جو نقصان آھي۔ جنھن غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رھيو آھي۔اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي اربين روپين جي زمينن تي حڪمرانن جو قبضو آهي. سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر ڪچري جا ڍير ٺاهيا ويا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان اسانجو وطن آهي، ان ۾ اسان سڀني کي امن، برابري ۽ انصاف سان رهڻو آهي. سنڌ جا ماڻهو گٽر جو گندو پاڻي واپرائي رهيا آهن. وفاق سنڌ سان گئس، بجلي ۽ پاڻي ۾ جي سلسلي ۾ انصاف ڪري.مهنگائي غريب ماڻهو جي چيلھ ڀڃي ڇڏي آهي. سنڌ جي غربت ۽ پسماندگي جو احساس وفاق کي ٿيڻ گهرجي.اسان کي امن، ميرٽ، ترقي ۽ احتساب کپي جيئن دنيا ڏسي تہ سنڌ باشعور آهي۔اياز لطيف پليجي چيو تہ بار بار اقتدار ۾ ايندڙ پارٽين سنڌ کي تباھي کانسواءِ ڪجھ بہ ناھي ڏنو اٽي لٽي اجھي ۽ جمھوريت جي ڪوڙن نعرن ذريعي عوام سان دوکو ڪيو ويو آھي. تيل، گئس ۽ بجلي پيدا ڪندڙ سنڌ کي مھانگائي ۽ بدحالي جي باھ ۾ اڇلايو ويو آھي۔ سنڌ کي مال غنيمت بنائي لٽيو پيو وڃي حڪمران پنھنجون پاليسون تبديل ڪن۔ ملڪ کي برابري ۽ ڀائچاري سان اڳتي ھلائي سگھجي ٿو۔  وفاقي ۽ سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي سنڌ وفاق کي جيترو ڪمائي ڏئي ٿو بدلي ۾ پنھنجي بدران خيرات ڏني وڃي ٿي، جنھن ڪري سنڌ ۾ غربت وڌي آھي بدقسمتي سان ڪنھن بہ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت سنڌ جي ترقي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ کي پنھنجي ايجنڊا نہ بنايو آھي حڪمران جون الڳ ترجيحات ۽ ايجنڊائون آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب حڪمراني جي ڪري صوبي ۾ انصاف ناھي۔امن ناھي ھيپاٽائيٽس ۽ ٻيون خطرناڪ بيماريون تيزي سان پکڙجي رھيون آھن۔ ڪروڙين ماڻھون جي صاف پاڻي کان محروم آھن۔ معياري تعليم ۽ صحت جو بندوبست ناھي۔ حڪمران ٻڌائين تہ غريب عوام آخر ڪيڏانھن وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.