عمران خان جو مارچ وارو خواب ساڀيان کان اڳ ئي چڪنا چور

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) وزيراعظم عمران خان جون پارٽي جي پولٽ بيورو جي اهم اجلاس ۾ هڪ اهم شخصيت  بابت ڪيل ڳالهيون ان اهم شخصيت تائين پهڇي ويون آهن ، جنهن کانپوءِ عمران خان ۽ سندس ساٿين  جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ، نامياري صحافي معظم فخر  پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته  هاڻي عمران خان جو اهو منصوبو ناڪام ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، جنهن لاءِ هن رٿا بندي ڪئي هئي ۽ مارڇ ۾ اهم مقرري ڪرڻ وارو هئو، پر سندس منصوبو اسٽيبلشمينٽ تائين پهچي ويو ان ڪري شايد عمران خان جو  اهو منصوبو به مڪمل ٿي نه سگهي ۽ جنهن جي مقرري ڪرڻ وارو هئو اهو شايد مارچ کان اڳ ئي بدلي ٿي وڃي۽ جنهن عهدي لاءِ هو مقرر ڪيو پئي ويو ان عهدي لاءِ اهل ئي نه رهي ، خيال اهو به آهي ته  عمران خان اهم شخصيت لاءِ اجلاس ۾ ڳالهيون شعوري طرو ڪيون هيون ته جيئن اڳتي پيغام وڃي سو اهو پيغام ته پهچي ويو پر هاڻي عمران خان ۽ سندس ساٿين جون ڄنگهون ڏڪڻ شروع ٿي ويون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.