مريءَ ۾ سمورا مواصلاتي ذريعا کوليا ويا آهن: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(م ڊ) فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي  (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته مريءَ ۾ سمورا مواصلاتي ذريعا هر قسم جي چرپر جي لاءِ کوليا ويا آهن، ڪلڊنه باڙيان روڊ ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي. ڪالهه آچر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران مريءَ جي صورتحال تي جاري تازي ترين اپ ڊيٽس موجب مين رستن کي کولڻ کانپوءِ آرمي جا انجنيئرز هاڻي لنڪ روڊ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. ريليف ڪئمپ ۽ ميڊيڪل جون سهولتون مڪمل طور تي فعال آهن جڏهن ته فوجي گاڏيون ڦاٿل سياحن کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد پهچائڻ جي لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.