وارننگ باوجود گڏيل ايڪشن پلان ڇو تيار نه ڪيو ويو: ٽي او آر

لاهور( م ڊ) مري سانحي بابت جاچ ڪميٽي جا مول متا تيار ڪيا ويا آهن. جنهن موجب ڪميٽي جاچ ڪندي ته وارننگ  باوجود گڏيل ايڪشن پلان ڇو تيار نه ڪيو ويو. ڇا سياحن لاءِ ايڊوائزري يا وارننگ جاري ڪئي وئي هئي . ڇا ڪو ڪنٽرول روم بڻايو ويو هو، ڪيتريون گاڏيون ڪڍيون ويون .  سوال ڪيو ويو آهي ته گاڏين جو انگ وڌي ويو ته آمد روڪي ڇو نه وئي. ٽريفڪ پلان ڇو نه جوڙيو ويو. لوڪل هوٽل ۽ ريسٽ هائوسز ۾ هنگامي صورتحال بابت ڪو انتظام هو.جاچ ڪميٽي نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. 03

  • موٽروي ايم ون پشاور کان صوابي تائين ڪوهيئڙي سبب بند

اسلام آباد(م ڊ) موٽروي ايم ون پشاور کان صوابي تائين ڪوهيئڙي سبب هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ترجمان  نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽروي پوليس عوام کي گذارش ڪئي آهي ته ڪوهيئڙي جي موسم ۾ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، گاڏين ۾ فوگ لائٽس جو استعمال ڪن ۽ انهن ۾ وچولو فاصلو عام حالتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رکن. هن جو چوڻ آهي ته سفر شروع ڪرڻ کان اڳ موٽروي جي صورتحال ۽ سفر دوران مدد لاءِ پوليس جي هيلپ لائن 130 کان مدد وٺي سگهجي ٿي.

  • شاهراه قراقرم تي ٽورسٽ پوليس پيٽرولنگ موبائل مقرر

اسلام آباد(م ڊ) شاهراه قراقرم تي ديامر،گلگت،نگر، هنزه ۽ جلگوٽ اسڪردو روڊ گلگت بلتستان تي هر 13 کان 15   ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ٽورسٽ پوليس پيٽرولنگ موبائلز مقرر ڪيون  ويون آهن.ٽورسٽ پوليس جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان ايندڙ سياحن ۽مسافرن جي مدد لاءِ ٽورسٽ پوليس پيٽرولنگ کي مقرر ڪيو ويو آهي،پوليس سياحن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڪنهن به قسم جي سفري معلومات ۽ مدد لاءِ 1422 يا 05811930055 نمبر تي رابطو ڪن.

  • نٿيا گلي کان ايبٽ آباد تائين روڊ ٽريفڪ لاءِ کلي ويو

اسلام آباد(م ڊ) ريجنل پوليس آفيسر (آر پي او) هزاره ڊويزن مير واعظ نياز چيو آهي ته نٿيا گلي کان ايبٽ آباد تائين روڊ ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو آهي. آچر ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) ۽ ڊپٽي ڪمشنر ايبٽ آباد ڦاٿل سياحن جي قافلي جي شڪل ۾ ايبٽ آباد واپس آڻڻ لاءِ موقع تي موجود آهن. هن چيو ته ڊنگه گلي کان ڇانگله تائين روڊ به کولي ڇڏيو، بحرين کولڻ جو ڪم آخري مرحلي ۾ جاري آهي. هن چيو ته گليات ڊويلپمنٽ اٿارٽي جو ڪليئرنس آپريشن ڀريان جي رستي پنجاب ۾ داخل ٿيو. آر پي او ايبٽ آباد ڊويزن چيو ته هن کي سمورن پوليس آفيسرن تي فخر آهي جن گذريل رات ۽ اڄ به روڊ کي صاف ڪرڻ جي ڊيوٽي سرانجام ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.