چئُه! جو توکي چوڻو آ……

ناظم جوکئي جو خون انصاف جو منتظر!

بااثر سردار ۽ ايم پي اي ڄام گھرام جوکيو ھٿان پکين جي حاظت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ انتھائي بيدردي سان تشدد ڪري قتل ڪيل شھيد ناظم جوکئي جي گھرواري ڀاءُ ۽ امڙ پاران مختلف وقتن تي ميڊيا ۾ بيان پڙھن لاءِ ملن ٿا ته کين شھيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جو روپوش ۽ مفرور جوابدار ايم اين اي ڄام عبداڪريم راڄوڻي وسيلي ٺاهه ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وجھي رھيو آھي. تازو ميڊيا ۾ شھيد ناظم جوکئي جي گھرواري جون اھڙي قسم جون دردناڪ خبرون پڙھڻ لاءِ مليون آھن ھڪ طرف سنڌ حڪومت شھيد ناظم جوکئي جي خون سان انصاف لاءِ سندن وارثن سان گڏ بيھڻ جون دعوائون ڪري پئي بظاھر شھيد ناظم جوکئي جي تڏي تي وزير اعلی سنڌ کان ويندي سنڌ توڙي وفاق جا چونڊيل نمائندا شھيد ناظم جي وارثن سان ھمدردي ڪرڻ لاءِ آيا ھئا کين ھر قسم جي حڪومتي سھڪار جوپڻ يقين ڏياريڻ جا واعدا ڪيا ھيائون ٻئي طرف شھيد ناظم جوکئي جي وني توڻي ٻيا وارث سنڌ حڪومت سان واڳيل  ايم اين اي سردار عبداڪريم جوکيو خلاف ٺاھ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھڻ جون دانھون ڪرن پيا.

سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌ حڪومت جون ھمدرديون قاتل ۽ ظالم سردار سان آھن يا مقتول مظلوم ناظم جوکئي جي وارثن سان….؟ سنڌ حڪومت پنھنجي پوزيشن واضح ڪري ته اها ڪنھن جي حمايت ٿي ڪري….؟ تازين ميڊيائي خبرن موجب وفاقي حڪومت جو موقف پڙھڻ لاءِ مليو ته اگر شھيد ناظم جوکئي جي وارثن قاتل ڌر سان ٺاھ ڪيو ته رياست شھيد ناظم جو ڪيس وڙھندي وفاقي حڪومت جو اھڙو اعلان بھتر قدم آھي بشرطيه ڪه اھو اعلان سياست کان صاف ھجي ۽ عملي اعلان ثابت ٿئي ڇو ته ھن وقت سنڌ ۽ وفاق درميان سياسي جنگ جاري آھي ائين  ته نه آھي جو وفاقي حڪومت سياسي نمبر وڌائڻ ۽ سنڌي عوام جون ھمدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ سکڻو اعلان ئي ڪيو ھجي بحرحال شھيد ناظم جوکئي جي خون سان انصاف ڪرڻ ۽ سندن وارثن جي ھر ممڪن مدد ڪرڻ ۽ کين تحفظ فراھم ڪرڻ وفاق کان وڌيڪ سنڌ حڪومت جو فرض بڻجي ٿو ڇو ته شھيد جي خاندان جي رھائش توڙي مرڻ جيئڻ سنڌ ۾ آھي.

اسين اميد ٿا ڪريون ته جھڙي ريت وفاق شھيد ناظم جوکئي ڪيس ۾ سنجيده آھي اھڙي ريت سنڌ وفاق کان به وڌيڪ ھن ڪيس ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندي ۽ شھيد جي وارثن سان ھر قسم جو سھڪار ڪندي جوابدارن کي منطقي انجام تائين پھچائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندي ملڪي عدالتن کان پڻ اسين اھا اميد ٿا ڪريون ته عدالتون شھيد ناظم جوکئي جي بيگناه خون سان ضرور انصاف ڪري انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل سندن وارثن جي بيچيني ختم ختم ڪندي.

 

اسماعيل بھلڪاڻي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.