مري ۾ جنم وٺندڙ انساني المئي لاءِ ذميوار ڪير آهي ؟

ملڪ جي مشهور تفريحي ماڳ مري ۾ انساني المئي جنم ورتو آهي، جنهن ۾ تاحال ٿيل تصديق موجب ٻن درجن کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار ٿي وياآهن،ميڊيا جي رپورٽ موجب هزارين گاڏيون ڦاٿل آهن، علائقي ۾ شديد برفباري جي ڪري سوين وڻ ۽ بجلي جا ٿنڀا پڻ ڪري پيا آهن، رستا مڪمل طور بند ٿي ويا آهن، پاڪ آرمي سميت سموريون ڌريون بي رحم موسم جي ڪري ڦاٿل انسانن جي رسڪيو جي ڪوشش ۾ مصروف عمل آهن.

سرڪار پنجاب جي ماڳ مري ۾ موجوده صورتحال جي ڪري اتي سنو ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي تفريحي ماڳن کي سياحن جي لاءَ بند ڪيو ويو آهي، سرڪاري سطح تي اهڙي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته موسم جي ڪري انهن تفريحي ماڳن تي ماڻهن جي  آمد کي   روڪيو وڃي.

. هن ڏکوئيندڙ صورتحال تي ملڪ جي وزيراعظم سميت سمورين ڌرين افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزير اعظم  مري ۾ پيدا ٿيل حالت ۽ اتي انساني حياتين جي ضيان بابت انڪوائري ڪرڻ  جو به اعلان ڪيو آهي.هن انساني المئي ڪري سموري ملڪ ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.

ملڪ جي هن وڏي تفريحي ماڳ ۾ پيش آيل واقعي جي باري ۾ روايتي ۽ غير راويتي ميڊيا ۾ هن وقت تائين جي آيل خبرن موجب سرڪار پاران چيو پيو وڃي ته انهن 5 جنور ي تي موسم جي خرابي بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو هو.ٿي سگهي ٿو اهو سڀ ڪجهه درست به هجي اسان وٽ عام طور تي عوام اهڙي ڪنهن الرٽ تي ڪو گهڻو ڌيان به نه ڏيندو آهي. ان هوندي به اها بهرحال انتظاميه جي ذمي اچي ٿو ته اها صورتحال جي نزاڪت کي سمجهندي هنگامي صورتحال لاڳو ڪندي ان طرف ڪنهن کي به وڃڻ نه ڏئي ها.

هڪ اطلاع موجب جمعي واري ڏينهن  صبح جو جڏهن برفباري شروع ٿي ته انتظاميه پهرين ، ڪي پي ڪي صوبي ، جي تفريحي ماڳن ڏانهن ماڻهن   کي وڃڻ کان روڪڻ جو اعلان  ڪيو  ۽ اهڙو ئي اعلان شام جو وري ڪوهه مري۽ گليات جي علائقي  لاءِ ڪيو ويو پر جيئن ماڻهون هميشه ڪندا آهن هنن ايئن ئي ڪيو، اهڙي الرٽ جو ڪو گهڻو نوٽيس نه ورتو.

هتي اها ڳالهه به محسوس ٿئي ٿي ته شايد موسم جي ايتري بي رحم هئڻ  جو نه انهن سياحن کي اندازو هو نه ئي وري انتظاميه ان بابت ايتري باخبر هئي جنهنڪري اهڙو نتيجو نڪتو، جنهن تي هاڻي ته  سموري رواجي ۽ غير رواجي ميڊيا  ڀري پئي آهي،

زماني کان انسان انهن موسمن سان ئي وڙهندو پاڻ کي  بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.انسان ۽ موسم وچ۾ اهو ٽڪراءٌ گهڻو پراڻو آهي،گهڻو اڳ جڏهن اڃان انسان وٽ ايترا وسيلا ، علم ۽ حڪمت نه هئا تڏهن انسان انهن موسمن جي بي رحمي جوشڪار ٿي پنهجي زندگي وڃائيندو رهيو آهي.هاڻي اڃان به ڪنهن حد تائين انسان انهن موسمن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، ڪا نه ڪا حڪمت يا  ترڪيب اختيار ڪري  پنهنجو پاڻ کي بچائي ٿو وٺي. وري زندگيءَ جي ڦيٿو هلي ٿو پوي.

انسان گهڻو نقصان پنهنجي لاعلمي، ڪوتاهي يا لاپراوهي جي ڪري ڪيو آهي، اهو پهلو هاڻوڪي هن المئي ۾ پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.هن وقت مري ۾ هزارين گاڏيون ڦاٿل آهن جن جي مدد جي لاءِ پاڪستان آرمي ، رينجرز . ريسڪيو جا ٻيا ادارا ۽ مقامي ماڻهون ڪم ڪري رهيا آهن پر هن وقت تائين جي اطلاعن مطابق اتي زمين تي حالت اها آهي ته سمورا رستا بلاڪ ٿي ويا آهن.سوين وڻ ۽ بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا آهن جيڪي روڊ تي ڪرڻ سبب رستا  بند ٿي ويا آهن. ڪيتريون ئي گاڏيون برف جي هيٺ دٻيل آهن،انهيءَ برف کي هٽائڻ جي لاءِجيتري مشينري جي ضرورت آهي، ايتري ناهي جيڪا آهي ان کي  انهيءَ متاثر هنڌ تائين پهچائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ڇاڪاڻ جو رستو بلاڪ ٿيل آهي، ان کانسواءِ اتي ٿڌ جي شدت به ان ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي.وڻن جي ڪري پوڻ ۽بجلي جي ٿنڀن ڪرڻ سبب سموري علائقي ۾ بجلي جو نيٽ ورڪ گهڻو متاثر ٿي ويو آهي، بجلي نه هئڻ هڪ ٻيو وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي.

ميڊيا موجب ڦاٿل ماڻهن جي مدد جي لاءِ پهچندڙ مقامي ماڻهون يا ريسڪيو جون ٽيمون پهرين ڦاٿل گاڏين جي باڊي تي کڙڪو ڏين ٿا، جواب نه ملڻ تي اهي گاڏين کي کولي بيهوش ٿيل متاثر ماڻهن جي فوري طبي امداد ڪن ٿا. انهن اهو به ٻڌايو ته شديد سيءُ جي ڪري ڦاٿل گاڏين ۾ موجود ماڻهن گهڻو ڪر ي پنهنجين گاڏين جا هيٽر هلائي ڇڏيا هئا، وري  گاڏين ۾ ماڻهن جي تعداد وڌيڪ هئڻ جي صورت ۾ گُهٽ۽ ٻوسٽ جي ٿي وڃڻ سان اهي گهڻو ڪري بيهوش ٿي ويا آهن.

تفريحي ماڳ جي هوٽل انتظاميه موجب حالت ايتري خراب هئڻ باوجود ماڻهون مري ڏانهن وڃڻ کان نٿا مڙن،شايد اسان وٽ معاملن کي اهڙي طرح سان نظر انداز ڪرڻ جو لاڙو آهي، جنهن جو هر ڪو شڪار ٿي ٿو وڃي.

اسان وٽ جيئن ته قانون جي حڪمراني نه هئڻ برابر آهي تنهنڪري ان جو نقصان هر سطح تي ٿئي ٿو. جيڪڏهن 5 جنور ي جي جاري ڪيل سرڪار جي الرٽ جو ماڻهن نوٽيس نه ورتو هو ته انتظاميه انهن کي زبردستي به روڪي ڇڏي ها پر ايئن نه ڪيو ويو جنهنڪري هاڻوڪي المئي جنم ورتو.

هاڻي ڀلي سرڪار هن معاملي تي برق رفتار سان ڪم ڪري پر اها ڪنهن به طرح سان پاڻ کي بچائي نٿي سگهي.موسمياتي ادارن جي رپورٽ کي نظر ۾ رکندي تفريحي ماڳن تي ايندڙ سياحن بابت سخت حڪمت عملي به اختيار ٿي پئي سگهي.علائقي، تعلقي توڙي ضلعي جي انتظاميه کي به ان تي عمل ڪرائڻ جو پورو پورو اختيار هوندو آهي . اهو سوال  به پنهنجي  جاءِ تي موجود آهي ته مقامي انتظاميه موسم جي اهڙي نزاڪت کي نظرانداز ڇو ڪيو  ؟

وزيراعظم هن واقعي جي جاچ جو اعلان ڪيو آهي، انتظار ڪجي ته  سرڪاري طور تي ان واقعي جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ بعد ان مان ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو۽ ان جي آڌار تي ڪهڙا قدم کنيا وڃن ٿا.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.