مري ۾ رش تي حڪومت خوش ٿي، موت جو ذميوار عوام ڇو؟: احمد جواد

مري (م ڊ ) حڪومت پاران ٻه ڏينهن اڳ هٽايل پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات واري سيڪريٽري احمد جواد چيو ته مري ۾ٽن ڏينهن ۾ هڪ لک گاڏيون داخل ٿيون آهن، حڪومت عوام جي ڀلائي جا دعويٰ  ڪندي ۽ سياحت کي هٿي ڏيارن جون وڏيون ڳالهيون ڪندي رهي، 21 ڄڻافوت ٿي ويا، حڪومت ذميوار سياحن کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. 5 جنوري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري مري ۾ هڪ لک گاڏين جي داخلا کي عام ماڻهو جي خوشحالي ۽ آمدني ۾ واڌ جو نتيجو قرار ڏنو هو. ان تي احمد جواد فواد چوڌري جي ٽوئيٽ کي ري ٽوئٽ ڪندي چيو هو ته اوهان ٻه ڏينهن اڳ معيشت جي مضبوطي جو ذڪر ڪيو هو ۽ موسميات کاتي به الرٽ جاري ڪيو هو، ان کي به معاشي اشارن ۾ شامل ڪيو؟ هن اهو به چيو ته پارٽي جو بيان ان جي ضمير کان وڌيڪ قيمتي ناهي، ڇاڪاڻ ته زندگي ۽ موت الله کي ڏيڻي آهي. عمران خان چيو ته ماڻهو موسم جو اندازو ڪرڻ کانسواءِ وڏي انگ ۾ مري ويا. گهرو وزير شيخ رشيد عوام کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.