مٽياري اسپتال ۾ مريضا فوت، لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه ملي

مٽياري (ڊ ر) مٽياري تعلقي اسپتال جي نااهلي سبب مٽياري جي باقيل پوٽه محلا جي رهواسي  علي شير خاصخيلي جي امڙ جي اچانڪ طبيعت خراب هونئن ڪري مٽياري تعلقي اسپتال کڻائي آيا جتي امڙ وفات ڪريوئي مسمات  شهرو خاصخيلي جو لاش ٻن ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيو رهيو مگر ايمبولينس به نه ملي سگهي  وارٽ زاروقطار روئندا رهيا پر ڪير به پرسان حال نه هو فوتي ٿيندڙ مسمات شھرو جي پٽ علي شير  خاصخيلي چيو ته اسانجي امڙ جو لاش ٻن ڪلاڪن کان اسپتال ۾ لاش پيل آهي مونکي ايمبولنس نه ملي رھي آھي جو آئون پنهنجي امڙ جو لاش گهر کڻائي وڄا ايم ايس مٽياري ڊاڪٽر توفيق احمد ميمڻ اسانجو فون کڻڻ لاءِ تيار نه آهي جڏهن ته ايمبولنس ڊاڪٽرن جي ذاتي ڪمن ۾ استعمال ٿئي رھي آھي اسان سنڌ حڪومت، صوبائي وزير صحت، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضي علي شاهه کان مطالبو ٿا ته واقعي جو نوٽيس وٺي اسپتال جي ڪرپٽ مافيا جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.