گهوٽڪي ماڊل ڪورٽ جوابدار کي ڀيڻ جي قتل ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي جي عدالت ڀيڻ جي قتل ڪيس مان ڀاءُ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. ماڊل ڪرمنل  ٽرائل ڪورٽ گهوٽڪي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿيل مسمات مٺي ڪلوڙ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سرڪاري وڪيل ۽ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار خالق ڏنو عرف خالد ڪلوڙ جو وڪيل ارشاد سومرو عدالت ۾ پيش ٿي دليل مڪمل ڪيا. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد مقتولا عورت مسمات مٺي ڪلوڙ جو قتل ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي گرفتار خالق ڏنو عرف خالد ڪلوڙ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته سال 2020 ۾ ميرپور ماٿيلو ڀرسان ڳوٺ محمد صديق ڪلوڙ ۾ مسمات مٺي ڪلوڙ قتل ٿي وئي هئي، جنهن جو ڪيس مقتولا جي ڀاءُ خالق ڏنو ڪلوڙ مٿان ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.

  • سکر ۾ ڏوهي وارداتن ۾ اضافو، صحافي کان ڦر

سکر( رپورٽر)سنڌ جي ٽين وڏي شهر سکر ۾ پوليس جي نااهلي سبب ڏوهي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو  ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، هوڏانهن سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بندر روڊ واري علائقي ۾ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي سکر جي نوجوان صحافي سيد جواد شاهه کان هٿيارن جي زور تي موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. واقعي جو ڪيس رات دير تائين داخل ناهي ٿي سگھيو، هوڏانهن سکر جي صحافين مطالبو ڪيو آهي ته صحافي جواد شاهه کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

  • لاڙڪاڻي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان بيهوش، اسپتال منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان درگاهه مشوري شريف جي ڳوٺ عبدالله لاشاري ۾ جڳهه تي شٽرنگ جي ڪم دوران بجلي جي 11 هزار وولٽيج تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان راشد لاشاري بيهوش ٿي پيو جنهن کي سندس وارثن بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان جڳھ تي شٽرنگ جي ڪم دوران بجلي جي 11 هزار وولٽيج تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرايو آهي.

  • احمد پور لڳ ڳوٺاڻي تي حملو، فائرنگ، دانهن تي جوابدار فرار

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ ننگر اڄڻ ۾ ڳوٺاڻي اسحاق علي اڄڻ مٿان مبينا  ھٿياربندن جو جو حملو پسٽل جا فائر ڪيا ويا ڳوٺاڻي جي دانھن تي ھٿياربند فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻي جي فرياد تي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي تي پياس علي سميت اڄڻ برادريء جي ٽن ڄڻن خلاف مبينا قاتلاڻي حملي جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي ان ڏس ۾ عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻي جي فرياد تي قاتلاڻي حملي جي  اين سي داخل ڪئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رھيا آھيون ٻئي طرف واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون اصل حقيقت سامھون اڄڻ کانپوءِ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.