ٽنڊو غلام حيدر: خطرناڪ بيمارين وگھي چوپايو مال مرڻ لڳو، لائيو اسٽاڪ کاتو غائب

ٽنڊي غلام حيدر تعلقي جي مختلف علائقن ۾ خطرناڪ بيمارين وگھي چوپايو مال مرڻ لڳو جنهن بابت لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا.

ٽنڊي غلام حيدر تعلقي جي مختلف يوسيز ۾ چوپائي مال ۾ گهوگهو،سماڙو، اينٿروڪس، پي پي آر سميت چوپائي مال ۾ ڪيتريون ئي مختلف بيماريون پکڙجي ويون آهن جنهن سبب چوپايو مال تيزي سان مري رهيو آهي جڏهن ته لائيو اسٽاڪ کاتي پاران بيمارين جي علاج لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا جنهن ڪري مالوندن کي لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

مالوندن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي جو ٽيمون متاثر علائقن ۾ موڪلي چوپائي مال کي حفاظتي ٽڪا لڳائي نقصان کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.