نصيرآباد ۾ بدامني، شٽربند هڙتال، واپاري توڙي شهري سراپا احتجاج

نصيرآباد (رپورٽ: بشير بروهي)شھري اتحاد جي سڏ تي شھر وڌندڙ بد امني خلاف دوڪاندارن ،واپارين ۽ شھرين پاران شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري مطالبو ڪيو ويو آهي ته شھرين کان ٿيل ڦرون ۽ چوريون واپس ڪرايون وڃن، نصيرآباد شھر ۾ چوري، ڦرون ۽ ڌاڙن جو وارداتون وڌي وڃڻ خلاف شھري اتحاد پاران سينگار نوناري ،ايڊووڪيٽ عنايت تنيو ،ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو ،مولوي ياسين ڪا نڌڙو عمرعزيزڇٽو سرائي عاشق ڪلھوڙو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاھرو مختلف رستن کان ٿيندو فاضل راهو چوڪ تي پھتو جتي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نصيرآباد ۾ پوليس ھٿ وٺي بدامني ڪرائي آھي، شھر جي چوڌاري جوا، منشيات ۽ فحاشي جا اڏا ھلي رھيا آھن، جتي ڏوھاري اچن ٿا ۽ شھر ۾ ڦرون ۽ ڌاڙا ھڻي رھيا آھن، روزانو نئون صوبيدار مقرر ڪرڻ سان امن قائم نه ٿيندو اصل ضرورت ڏوھاري ٽولن جي خاتمي جي آھي، پوليس ڏوھاري ٽولن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ کين ڏوھي ڪارروايون ڪري ڀڄي وڃڻ جو محفوظ رستو ڏئي ٿي، شھر مان ھينئر تائين پرائمري استاد صمد بروھي، عبدالوهاب بروھي ،واپاري ياسين ڪانڌڙو سميت ڪيترن کان ئي لکين رپين جو ڦرون ٿيون آهن، 50 کان وڌيڪ موٽر سائيڪل ڦر ٿيا آهن، پوليس چور پوليس جي ڊرامي بازي ۾ پوري آهي، اڳواڻن چيو ته جيسيتائين شھرين کي تحفظ ۽ انصاف فراھم نه ٿو ڪيو وڃي اسانجو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.