ڪراچي جي تعليمي بورڊ پاران سال 2021ع جي نائين درجي جي امتحان جو نتيجو پڌرو

ڪراچي – 07 جنوري (اي پي پي) ڪراچي جي تعليمي بورڊ سال 2021ع جي نائين درجي (سائنس گروپ) جي امتحان جو نتيجو پڌرو ڪيو آهي. امتحان جا نتيجا بورڊ جي ويب سائيٽ تي ۽ ايس ايم ايس سروس بي ايس اِي ڪي لکي اسپيس ڏئي پنهنجو رول نمبر لکي 8583 تي موڪلي به ڏسي سگهجن ٿا. سائنس گروپ ۾ 157255 شاگرد ۽ شاگردياڻيون رجسٽرڊ ٿيا جن مان 153417 شاگرد ۽ شاگردياڻيون امتحانن ۾ ويٺا. غيرحاضر شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تعداد 3838 رهيو. سڀني پيپرن ۾ ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تعداد 145949 رهيو ۽ ڪاميابي جي شرح 13. 95 سيڪڙو رهي. اهڙي ريت هڪ پيپر ۾ 917 ،2 پيپرن ۾ 86 ،3 پيپرن ۾ 347 شاگرد ۽ شاگردياڻيون ناپاس ٿيا جڏهن ته سڀني پيپرن ۾ 6 هزار هڪ سئو 18 شاگرد ۽ شاگردياڻيون ناپاس ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.