اين آءِ سي وي ڊي ميگا ڪرپشن ۾ نديم قمر خلاف انڪوائري مڪمل

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت اين آءِ سي وي ڊي ميگا ڪرپشن ڪيس جي حوالي سان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نديم  قمر جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته انڪوائري مڪمل ٿي وئي آهي، ان کي جاچ ۾ بدلي ڪرڻ جي لاءِ معاملو هيڊ آفيس موڪليو ويو آهي، هيڊ آفيس جي جواب اچڻ تائين مهلت ڏني وڃي، عدالت 21جنوري تائين ڪيس ملتوي ڪندي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر نديم  قمر جي عارضي  ضمانت ۾ واڌڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.