ٽنڊي حيدر ۾ ڀاءُ هٿان ڀيڻ قتل ، جوابدار پسٽل سميت گرفتار

ٽنڊو حيدر  (ن ع آ)  ٽنڊو حيدر ۾ گھرو تڪرار سبب ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو . جوابدار پسٽل سميت گرفتار، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ بعد وارثن حوالي ڪئي ويو،  ٽندو حيدر جي رخسانه ھائوسنگ اسڪيم ۾ گھرو تڪرار تان ڀاءُ زبير خاصخيلي پنھنجي ڀيڻ 17 ورهين ندا ڌيءَ غلام محمد خاصخيلي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پٻڻ ۽ ٽنڊو حيدر پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ۽ جوابدار زبير خاصخيلي کي بر وقت پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو .پوليس مطابق لاش جي پوسٽ مارٽم بعد جانچ پڙتال ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو .پاڙي وارن مطابق زبير خاصخيلي جو ڪٽنب ھن کان اڳ حيدرآباد جي سينٽرل جيل ڪالوني ۾ رھندا ھئا ھاڻ ٽنڊي حيدر ۾ رھن ٿا. ناري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.