رڳو احتياط ئي ڪورونا کان بچاءُ آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جي وڌندڙ ڪيسن بابت چيو آهي ته ان وبا کان رڳو احتياب جي نتيجي ۾ ئي بچاءُ ممڪن آهي.

مراد علي شاهه طرفان ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي وڌندڙ ڪيسن بابت هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته 3 کان 5 جنوري 2022ع تائين 37 ٽيسٽ ڪيون ويون، 37 نمونن مان 30 ڪيس اومي ڪرون جا ظاهر ٿيا آهن.

هن چيو ته 2 ڏينهن ۾ ڪيل ٽيسٽ جو 81 سيڪڙو اومي ڪرون هاڪاري آيو آهي، سنڌ ۾ اومي ڪرون جي ڪيسن جو انگ 307 ٿي ويو آهي.

وڏي وزير عوام کي هر صورت ۾ احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته بازارن، آفيسن ۽ عوامي هنڌن تي ماسڪ ضرور استعمال ڪيو ۽ سينيٽائيزر جو به استعمال ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.