نيوي ڪلب جي تعمير غير قانوني قرار، ٽن هفتن ۾ ڪيرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راول ڍنڍ جي ڪناري نيوي سيلنگ ڪلب جي تعمير غير قانوني قرار ڏئي ڇڏي.

چيف جسٽس آف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله شهري جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي نيوي سيلنگ ڪلب کي ٽن هفتن ۾ ڪيرائڻ جو حڪم ڏيندي عمل درآمد رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌايو ته نيوي جو اختيار ناهي ته اهو ڪنهن به قسم جي ريئل اسٽيٽ منصوبي ۾ شامل هجي، سي ڊي اي کي اختيار ناهي ته اهو نيول فارمز کي اين او سي جاري ڪري ها.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ۽ ٻين ذميوارن خلاف فوجداري ۽ مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت فيصلي ۾ چيو ته پاڪ فوج جو اهم اسٽيٽس اهي جنهن ج مينڊيٽ آئين ۾ ٻڌايو ويو آهي، نيوي جو اختيار ناهي ته ريئل اسٽيٽ وينچر ڪري، ريئل اسٽيٽ بزنس لاءِ اداري جو نالو استعمال نٿو ڪري سگھجي، اٿارٽي کي اختيار نه هو ته نيوي کي اين او سي جاري ڪري ها، پاڪستان نيوي نيشنل پارڪ ايريا تي قبضو ڪيو ويو، سيلنگ ڪلب غير قانوني آهي، نيوي سيلنگ ڪلب جي بلڊنگي ٽن هفتن ۾ ڪيرائي وڃي، اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي غير قانوني عمارت جو افتتاح ڪري پنهنجي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، غير قانوني عمارت ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف مس ڪنڊڪٽ ۽ فوجداري ڪارروائي جو حڪم ڏجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.