ڀاڻ کوٽ خلاف پير ڳوٺ جي وڪيلن جو احتجاج، اي سي تي الزام

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: علي گل جوڻيجو) پيرجوڳوٺ ۾ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف ڪنگري بار جي وڪيلن ايڊوڪيٽ سيد ابوبڪر شاھ  راشدي، سيد شاھ مردان شاھ راشدي، علي احسان ميتلو، ايڊوڪيٽ مجيب احمد مھيسر، ايڊوڪيٽ نور احمد عباسي، ايڊوڪيٽ وسيم اختيار ڪانھر، ايڊوڪيٽ غلام رسول ميتلو، ايڊوڪيٽ گلشن علي ميتلو، شمس الدين لاڙڪ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آبادگارن کان شيڊول کان به وڌيڪ ڏھوڻ تي ڍل ورتي وڃي ٿي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ڪنگري هٿرادو طور يوريا ڀاڻ جي کوٽ ڄاڻائي ڊيلرن ۽ دڪاندارن سان ڀائيوار بڻيل آھن، ڀاڻ جي کوٽ سبب ڪڻڪ، ڪمند ۽ ٻين فصلن جي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رھيو آھي جنهن سان مستقبل ۾ پڻ ڪڻڪ جي کوٽ ٿيندي جيڪا آبادگارن سان هڪ وڏي مذاق آھي، وڪيلن چيو ته پيرجوڳوٺ ۾ يوريا ڀاڻ سميت فصلن ۾ ڪم ايندڙ ٻين ڀاڻن جي ڄاڻي واڻي کوٽ ڄاڻائي آبادگارن، هارين کان ٻين تي ڀاڻ جي رقم اوڳاڙي وڃي ٿي جيڪا هڪ وڏي ناجائزي آھي، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان گهر ڪئي آھي ته ملوث عملدارن ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ پرائيويٽ ڊيلرن خلاف سخت ڪاروائي ڪري آبادگارن ۽ هارين سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اهڙي پٽيشن داخل ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.