گھارو ۾پوليس اهلڪار پراسرار نموني فوت

گهارو(ن ع آ)ٿاڻي تي ڪيترن ئي سالن کان ڊيوٽي ڪندڙ اي ايس آئي علي گل چانڊيو گهاروٿاڻي تي ڊيوٽي دوران  پراسرار طور فور ٿي ويو.پوليس واقعي کي خودڪشي قرار ڏيئي ڇڏيو.ايس ايس پي پاران جاچ جو حڪم.پوليس موجب علي گل چانڊيوصبع 9 وڳي ڌاري ٿاڻي تي ڊيوثي دوران پنهنجوپاڻ تي سرڪاري رائفل سان سيني تي فائرڪيا جنهن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽرگهارو پهچايو ويوجتي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.ان موقعي تي ڊي ايس پي ساڪرو غلام رسول سيال ۽ ايس ايڇ او گهارو ممتازبروهي رورل هيلٿ سينٽرگهارو پهڇي معلومات ورتي.ابتدائي رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن مطابق خودڪشي ڪندڙ اي ايس آئي علي گل چانڊيوجي سيني تي 3 ڳوليون لڳل آھن جنهن سبب سندس موت واقع ٿي ڄاڻايوويوآھي.ٻئي طرف يس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران گهاري ٿاڻي تي ميڊياسان ڳالهائيندي ۾ علي گل واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو بعد ۾ پنهنجو بيان ڦيرائي واقعي کي پراسرار نموني گوليون لڳڻ ڪري فوت ٿيل اي ايس آء علي گل چانڊيوجي واقعي کي اتفاقي قرارڏيئي ڇڏيو آھي  ايس ايس پي موجب هن وقت تائين ڪيل انڪوائري مان اهو ثابت ٿيو آھي ته علي گل خودڪشي نه ڪئي آھي ابتدائي جاچ دوران هن نتيجي تي پهتا آھيون ته فوتي اي ايس آء علي گل چانڊيو ٿاڻي ۾ پيل رائيفل کڻي چيڪ ڪري رهيو هو ته اتفاقي گوليون هلي وڃڻ ڪري سندس موت ٿيوآھي پرحتمي طور تي واقعي جي ٻين پاسن کان به جاچ ڪئي پئي وڃي پر هن وقت تائين اهڙو ڪو به ثبوت، ثابتي يا شاهدي نه ملي آھي ته اي ايس آء علي گل چانڊيو آپگهات ڪيو آھي يا سندس قتل ٿيو آھي.علي گل چانڊيو پوليس کاتي جو بهادر اهلڪارهو جنهن هميشه پنهنجي ايمانداري سان ڊيوٽي ڏني ۽ اڄ صبح معمول موجب ٿاڻي تي پهچي پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا.گهاروٿاڻي اڳيان فوتي اي ايس آئي جي جنازي نماز  اداڪي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.