سيٺارجا ڀرسان ماءٌ ٻن ٻارن سميت مبينا اغوا، ڪيس داخل

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڪن ڪٻرجي رهواسڻ شادي شده عورت روبينا ۽ سندس ٻن ٻارن  7 ورهين جو پٽ فراز ۽ ٻن ورهين جي ياسمين کي هٿيارن جي زور تي مبينه طور اغوا ڪئي وئي آهي ناري جي مڙس سجاول اسلامي سندس زال ۽ ٻن ٻارن جي اغوا جو سيٺارجا ٿاڻي تي ٻن جوابدارن امتياز منڱڻهار ۽ آصف خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي  عورت روبينا جي مڙس جي سجاول اسلامي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي زال ۽ ٻن ٻارن کي امتياز ۽ آصف وارا هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن جن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي پر سيٺارجا پوليس جوابدار گرفتار نه پئي ڪري  ٻئي طرف سيٺارجا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاء مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.