الطاف جو ٽارگيٽ ڪلر پاڻ کي معصوم پيش ڪري رهيو آهي: قادر پٽيل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قادر پٽيل چيو آهي ته الطاف جو ٽارگيٽ ڪلر پاڻ کي معصوم پيش ڪري رهيو آهي.

پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس تي  ردعمل ڏيندي عبدالقادر پٽيل چيو ته ڪراچي ۾ رتوڇاڻ ڪندڙ اڻڄاتلن ۾ هڪ مصطفيٰ ڪمال به هو، منزل نه قائد گهرجي جو نعرو هنندڙ کي سلطاني شاهد جي منزل ملي.

هن چيو ته ڪراچي هاڻ دهشتگردن ۽ ڀتي خورن جي ڪنٽرول ۾ ناهي رهيو، ڪراچي جي ضمني چونڊ ۾ مصطفيٰ ڪمال جي ضمانت ضبط ٿي وئي.

سندس چوڻ هو ته پاڻ کي ڪراچي جو ٺيڪيدار سمجهندڙن کي پنهنجو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي.

واضح رهي ته مصطفيٰ ڪمال پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اڄ ڪراچي جون حالتون اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ آهن، جيڪي حالتون آهن، خبر ناهي ڪيترا الطاف حسين پيدا ٿيندا، هن امن ۾ اسان جو حصو آهي، اسان شهر لاءِ قرباني ان ڪري نه ڏني هئي ته پ پ ڪراچي کي گروي رکي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.