سنڌ ۾ سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن جي سِرن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي سفارش

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اعليٰ سطحي ڪميٽي سنگين ڏوهن ۾ ملوث 85 ڏوهارين جي سِرن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب سنگين ڏوهن ۾ ملوث سنڌ جي مفرور ۽ گهربل ڏوهارين جي سِرن جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ قائم اعليٰ سطح جي ڪميٽي گذريل ڏينهن اجلاس ۾ سفارشون تيار ڪري ورتيون، ڪميٽي سامهون مجموعي طور 88 ڏوهارين جا ڪيس پيش ڪيا ويا هئا، جن مان ڪراچي ۾ بئنڪون ڦرڻ ۾ ملوث 7 جوابدارن جي هيڊمني جي سفارش ڪئي وئي.

ڪميٽي شڪارپور پوليس طرفان موڪليل 63 مان 61 ڏوهارين جي ڪيسن جي منظوري ڏني، جڏهن ته اڻ پورن دستاويزن جي بنياد تي شڪارپور جا ٻه ۽ سانگهڙ جو هڪ ڪيس رد ڪيو ويو.

شڪارپور جي 61 جوابدارن ۾ 7 خطرناڪ ڌاڙيل به شامل آهن، جن جي جيئري گرفتاري يا مارڻ تي هڪ ڪروڙ رپيا انعام جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ان فهرست ۾ شامل 45 ڪيسن ۾ مفرور نواز مارفاڻي، 35 ڪيسن ۾ گهربل ۽ مفرور جنيد تيغاڻي، 32 ڪيسن ۾ ملوث عطا محمد شيخ، 29 ڪيسن جو جوابدار دائود شيخ، 27 ڪيسن ۾ نامزد ڌاڙيل علي نواز عرف مارفاڻي، 27 ڪيسن ۾ مفرور اڪبر تيغاڻي عمر ولدو تيغاڻي ۽ شڪارپور جو ڌاڙيل ياسين قادراڻي جتوئي به شامل آهن، جن جي گرفتاري يا مارڻ تي هڪ – هڪ ڪروڙ رپيا انعام ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

اهڙي ريت شهيد بينظير آباد ڊسٽرڪٽ طرفان موڪليل 17 ڪيسن جي منظوري ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.