مهانگائي جي وار سان نئين سال جي شروعات!

تحرير؛محمد حسين بلوچ 

 مھانگائيءَ وبائي بيمارين جي خوف واري ماحول مان ٿيندو نيٺ نئين سال 2022 ۾ اچي ويو عام ماڻھؤ کي اميد ھئي ته نئين سال جي شروعات نمائشي ئي سهيپر سٺي خبر سان ٿيندي، پر ايئن نه ٿي سگھيو سرڪار نئين سال ۾ عوام کي مھانگائي جو تحفو ڏيندي پيٽرول اگھه ۾ چار روپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آھي اھڙي واڌ بعد في ليٽر 144 روپيا ۽ 82 پيسا ٿي ويو آھي جڏھن ته لائيٽ ڊيزل 4 روپيا 15 پيسا ،ھاءِ اسپيڊ ڊيزل 4 روپيا في ليٽر ۽ گاسليٽ جي اگھه ۾ به 3 روپيا 95 پيسا واڌ جي منظوري ڏني وئي، حڪومت طرفان تيل جي وڌايل اگھن جو بار سڌو سئون عام ماڻھن تي پئي ٿو، جڏھن به تيل گيس جي اگھن ۾ واڌ ٿيندي آھي ته مھانگائي ۾ اضافو ٿي ويندو آھي عوام اڳ ئي گذريل سال ڪورونا جي لاڪ ڊائون ،مھاڻگائي جي ڪري ڪافي ڀوڳي چڪو آھي .

ھن سال جي شروعات به سٺي خبر سان ناھي ٿي ،جنھن ڪري عام سادو ماڻھو توڙي جو ملڪي معاشي حالتن تي نظر رکندڙ به سرڪار جي پاليسين تي سخت تنقيد به ڪري رھيا آھن. ھتي سوال اھو به اٿي رھيو آھي ته سرڪار عوام سان جيڪي واعدا ڪيا ھئا، اھي ڇو پورا نه ٿي رھيا آھن جيتوڻيڪ ساڍا ٽي سال ته حڪومت کي گذري چڪا آھن. عوام کي رليف ڏيڻ ته پري جي ڳالھه آهي ويتر سورن ۾ جڪڙيو پيو وڃي، موجوده حڪومت طرفان مخالفن تي ڇتي تنقيد ڪرڻ ۽ ڪرپشن جا الزام ھڻي نيب جي ڄار ۾ ڦاسائڻ بعد سرڪار ڇو اڃان پنھنجي صحيح  گس تي نه آئي آھي؟ عوام سان جيڪي واعدا وچن ڪيا ويا ايترو عرصو گذرڻ باوجود به معمولي حد تائين به پورا ڇو ناهن ٿي سگهيا.

ڪپتان اڳ ۾ سڄو ڏوھ ماضيءَ جي حڪمرانن تي ڏيندو ھيو، ٿوريءَ دير لاءِ کڻي تسليم به ڪجي ،انھن ملڪ کي لٽيو ڦريو ، پر عمران سرڪار جي اچڻ بعد انھن جي رستا روڪ ٿي، نيب جي ذريعي احتساب شروع ٿيو ان ھوندي به ماضيءَ کان وڌيڪ ته عوام جو جيئڻ جنجال ھن  دور ۾  ٿيل آھي ماضيءَ وارا حڪمران لٽيرا ھيا ته تحريڪ انصاف وارا ڇو بھتر پاليسيون نه آڻي سگھيا آھن؟ عوام کان انھن ماضي جي ڪرپشن ڪرڻ وارن جھڙيون کڻي عوامي پاليسيون جاري ھجن ھا ته شايد عوام سورن ۾ نه ھجي ھا، ھاڻ ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه پئي ٿئي ، واپاري طبقو پريشان آھي ھارين ۽ مزدور طبقي جا ٻئي ھٿ مٿي تي آھن عوام بيروزگاري  جي ڌٻڻ ۾ لھي مري رھيو آھي. غربت ۽ بيروزگاري سبب شاديون رڪجي ويون آهن، غريب طبقو پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏيارڻ کان محروم ٿيندو پيو وڃي، بيمار ماڻھؤ پنھنجي علاج ڪرائڻ جي سگھه نه ٿو رکي، زمينن لاءِ پاڻي نه آھي، دوائن جا اگهھ آسمان تي چڙھيل آھن. نوجوانن جي لاءِ روزگار ۽ نوڪريون نه آھن، گيس بند آھي بجليءَ ناھي ڇا اھو سڀ ڪجهھ مديني جي رياست ۽ نئين پاڪستان تبديلي واري کي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، ھن کان اڳتي ڇا ٿيڻ ڏانھن وڃي رھيو آھي ان طرف حڪومت جو ڪو ڌيان ناھي، ھن ڀيري ڪڻڪ جي پيداوار جي کوٽ جو امڪان به ڏيکاريو پيو وڃي ، جيڪڏھن اھڙي قسم جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته پوءِ عوام بک ۾ مرڻ لڳندو. گذريل وقت به ملڪ غذائي قلت جي ور چڙھيل آھي ٻارڙن جي حالت ايٿوپيا جي ٻارن وانگي آھي ،ادارا خاموش آھن تعليم تباھ آھي صحت جون سهولتون سڀنيءَ جي سامھون آھن ڪورونا جي وبا دوران آڪسيجن ۽ وينٽيليٽر نه ھئڻ ڪري جانيون ضايع ٿيونِ اسپتالن ۾ بيڊ به مريصن کي نه ملي رھيا آھن ھڪڙي طرف ملڪ جي خوشحالي لاءِ قرض جي مٿان قرض کنيو وڃي ٿو اھو قرض ڪيڏانھن ٿو وڃي ڪٿي کڻڪ به نه ٿي پوي!!

حال ته اڳ کان بدترين آھن عوام لاءِ ڪا به واضح پاليسي ناھي ھن ملڪ جيڪو ھن ٽن سالن ۾ ڀوڳيو آھي ان جو اندازو عام ماڻھو سان ملي ڏسي لڳائي سگھجي ٿو ته ھنن جو جياپو ڪيئن ٿي رھيو آھي ڪيئن ملڪ خدا جي رحم ڪرم تي ھلي رھيو آھي باقي سرڪار جا اعمال ڪنھن کان ڳجھا نه آهن. ھڪڙي طرف سرڪار گونگي ٻوڙي آھي ته ٻئي طرف وري مخالف جماعتن جو به ساڳيو حشر آھي انھن جي چشمن تي به ڪارو چشمو چڙهيل آھي. عوامي مسئلا ويا وسري رڳو جان ڇڏائڻ ۾ پورا آھن.

گذريل ڏينھن قومي اسيمبلي جو اجلاس جو حال به دنيا سڄي ڏٺو، صفا جاگيراڻي ۽ تيغاڻي جھيڙو ھيو ٻنھي پاسن کان ڇڪ چڪان ھئي جيڪڏھن اسيمبليءَ جو اھو حال ھجي ته پوءِ باقي ڇا حال ھوندو اسيمبلي اھو ايوان آھي جتي ملڪ ۽ عوام جي بھتري لاءِ فيصلا ڪيا ويندا آھن پر پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ملڪ ۽ عوام وڃي کڏي جي تري ۾ پوي ھتي اھو فيصلو ڪيو ويندو آھي ڪنھن کي ڪيترو ذليل ڪجي، دنيا ۾ اسان جا اھي ايوان  مذاق بڻيل آھن پر اسان جي سياسي ڀوتارن جو ان سان ڪو سروڪار ناھي.

ٿيڻ تي ايئن گھرجي ھا ته عمران سرڪار نئين سال جي شروعات عوام کي رليف ڏيڻ سان ڪري ھا ڪجھه مھانگائي تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري ھا جيڪڏھن ايترو وس ۾ نه ھو ته ان ئي حال ۾ ڇڏي ھا ته به بھتر ھجي ھا، ھتي ته قصو گھڻو چڙھيل لڳي ڪٿي بريڪ لڳي نه ٿي، سئو ته ڪانٽو آھي جڏھن اھڙو رفتار ھوندو ته ظاھري ڳالھهه آھي اڳتي ھلي ڪو حادثو ته ٿي سگھي ٿو،جڏھن ته شھباز شريف جو بيان آهي ته عمران نيازي معاشي جنگ ۾ آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آھن،اسٽيٽ بينڪ جون چاٻيون آءِ ايم ايف کي ڏيڻ سان تباھي ٿيندي،ٻئي طرف وري شيري رحمان جو بيان آهي ته تباھي سرڪار جو منشور ۽ دعوا ڪوڙ تي ٻڌل آھي عوام کي مھانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جو بيان آهي ته وقت ٻڌائيندو ته ملڪ لاءِ وڌيڪَ فائديمند ميٽرو ٽرين آھي يا صحت ڪارڊ،سڄي ملڪن ۾ فلاحي رياست نظر ايندي،مسلم دنيا ان کان محروم آھي.

ھتي سوال اھو پيدا ٿي رھيو آھي ته فلاحي رياست ۾ عوام جي زندگيءَ جي ھر شعبي جو خيال رکيو ويندو آھي صحت ڪارڊ ڏيڻ سان فلاحي رياست نه بڻجندو، فلاحي رياست تڏھن ٺھندي جڏهن زندگيءَ جي ھر سھولت مھيا ھوندي، صاف شفاف کاڌو، ملاوٽ ۽ جعلي شين جو خاتمو پيڻ جو صاف پاڻي ھجي ته پوءِ صحت ڪارڊ جي ضرورت به ڇو پوي ، عوام کي صحت ڪارڊ نه پر بھترين زندگيءَ گذارڻ واري رياست کپي، عوام کي مھانگائي جي ڌٻڻ کان ٻاهر ڪڍجي ته ڪافيءَ بيماريون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون، پر اسان جي معاشري ۾ جڙ جو علاج ناھي پڇڙ طرف محنت ھوندي آھي جنھن جي ڪري گھربل نتيجو گھٽ ملندو آھي. بھرحال نئين سال سان جن ماڻھن ٿوريون گھڻيون اميدون سلهاريل ھيون انھن جو عڪس تيل جي قيمتن واري آئيني ۾ ڌنڌليون ٿي ويون آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.