صوبائي خودمختياري کي ڪمزوري سمجهيو پيو وڃي: اسماعيل راهو

ڪراچي(رپورٽر) يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ به اهو تصور ڪيو پيو وڃي ته هڪ ٻولي جي ترقي سان ٻي ٻوليءَ جي تنزلي ٿي سگهي ٿي ۽ اهو معاملو رڳو ٻولين تائين محدود ناهي پر پاڪستان جي صوبائي خودمختياري کي مرڪزي حڪومت کي اختيار ۾ ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو. پاڪستان جي مضبوطي لاءِ ضروري آهي ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه کي خودمختيار بڻايو وڃي ۽ سمورن صوبن کي حق ڏنا وڃن. جيڪڏهن 1973ع جو آئين 1970ع کان اڳ موجود هجي ها ۽ ان ۾ اهي سڀئي شقون شامل هجن جيڪي 18هين ترميم پاڪستان جي آئين ۾ ڏنيون هيون ۽ انهن کي 1970ع کان اڳ ۾ شامل ڪيو وڃي ها ته اوڀر پاڪستان ڪڏهن به بنگلاديش نه بڻجي ها،اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي قيام جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فيڪلٽي آف آرٽس اينڊ سوشل سائنسز جي آڊيٽوريم ۾ ٻن ڏينهن واري ادبي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته مونکي خوشي آهي ته اڄ اسان ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آهيون جنهن ۾ مان سنڌي شعبي جي استادن ۽ شاگردن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي چيو ته حڪومتي سطح تي تدريس ۽ تحقيق جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کانسواءِ فقط اسڪالرز کان اها اميد رکڻ ته اهي سٺا ڪم ڪندا ائين ممڪن ناهي. سنڌ جي ڌرتي عظيم صوفين جي ڌرتي آهي اسان سنڌي ٻوليءَ کي لازمي مضمون ته بڻايو آهي پر سنڌي سکڻ لاءِ ڪلچر ناهي ٺاهيو. سنڌي ڊپارٽمينٽ وڏا وڏا نالا پيدا ڪيا آهن جيڪي نه صرف سنڌي ڊپارٽمنٽ يونيورسٽي ڪراچي ۾ پر عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي مختيار علي ابڙو چيو ته قومون هميشه تعليم ذريعي پنهنجن مسئلن جو حل ڳولهينديون آهن. سيڪريٽري ثقافت ۽ نوادرات رحيم اي سومرو چيو ته سنڌي ادب جي انتهائي اهميت آهي ۽ ان حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڳوڻي اڪائونٽنٽ جنرل ذوالفقار قادري چيو ته هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري کي سنڌي يونيورسٽي ڪراچي جي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندي صحيح طريقي سان سکيو. استادن جي ٻڌايل ڳالهه  زندگي جي هر مرحلي تي ڪم ايندي آهي. ڊائريڪٽر شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر يونيورسٽي ڪراچي پروفيسر سليم ميمڻ سنڌي شعبي جي شروعات کان وٺي اڄ تائين سنڌي شعبي جو مختصر جائزو پيش ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.