سنيل ڪمار جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو، پڳڙين جي رسم

پيرجوڳوٺ (رپورٽ :علي گل جوڻيجو) پيرڳوٺ ۾ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل هندو واپاري سنيل ڪمار جي پڳڙين جي رسم رنگي رام مندر ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان هندو برادري جي ماڻهن  شرڪت ڪئي جڏهن ته سنيل ڪمار جي قتل واقعي جو 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته سنيل ڪمار جي وارثن وٽ فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ سيد اسماعيل شاهه راشدي پهچي تعزيت ڪئي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا آهن. ان موقعي تي سيد اسماعيل شاهه راشدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھندو واپاري سنيل ڪمار جو قتل واقعي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته اسان هن ڏک جي گهڙي ۾ سنيل ڪمار وارثن سان گڏ آهيون. پوليس کي گهرجي ته ھندو واپاري سنيل ڪمار جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي وارثن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ خاص ڪري خيرپور ضلعي ۾ برادري تڪرار وڌي ويا آهن پر ايس ايس پي خيرپور برادري تڪرارن جي خاتمي ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ ٽي ايم اوز پيپلزپارٽي جي اميدوارن جا پنهنجا مائٽ رکيل آهن. جيسيتائين سپريم ڪورٽ نه چوندي تيستائين بلدياتي چونڊون پيپلزپارٽي نه ڪرائيندي . هن چيو ته ٽي مهينا پري جي ڳالھ آھي پر هڪ ڏينهن ۾ ڌماڪو لڳي سگهي ٿو پيرڳوٺ واسي گهٻرائين نه. ان موقعي تي زاهد شاھ راشدي، محمد ڇٽل ڀنڊ، سرفراز ڀنڊ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.