ڊائو يونيورسٽي ملازمن جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

گلشن اقبال (ن ع آ) ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي ملازمن پنهنجي جائز مطالبن لاءِ سنڌ هاء ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، سوين ملازمن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊائو يونيورسٽي ۽ سنڌ جي صحت کاتي جي انتظاميہ خلاف آئيني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سمورن انتقامي ڪارروائين کي فورن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ڊويزنل بينچ جي ٻن معزز ججن صاحبان ڪري رهيا آهن. ڊائو يونيورسٽي جي موجوده انتظاميا جي اقربا پروري، غير قانوني ڀرتين، ناانصافين ۽ ملازم دشمن پاليسين خلاف درجنين ڪيس سنڌ جي اعليٰ عدالتن ۾ پيل آهن پر ڊائو يونيورسٽي غير قانوني ڪاررواين ۾ مصروف آهي. هيلٿ ڪيئر ورڪرز عالمي وبا ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي باوجود گذريل ڏيڍ سال کان صحت جي رسڪ الائونسز کان محروم آهن، ڊائو يونيورسٽي جي ملازمن کي بنيادي الائونس نه ملڻ ڪري سونامي ۾ 40 سيڪڙو گهٽ اجرت ۾ گذر بسر ڪرڻ انتهائي مشڪل ٿي ويو آهي. افراط زر جي.. ڊاءِ جا ملازم گذريل ڏيڍ سال کان بنيادي الائونس، پروموشن ۽ سنڊيڪيٽ ۾ جائز نمائندگي جو مطالبو ڪري رهيا آهن پر ان جو ازالو ڪرڻ بدران ڊائو انتظاميہ کين ڏاڍائي ۽ انتقامي ڪارروايون بند نه ڪيون آهن. ڊائو يونيورسٽي انتظاميہ اقربا پروري ۽ غير قانوني ڀرتين جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، يونيورسٽي جي فنڊن تي وڏو مالي بار وجهي ڇڏيو آهي، وڏي آمدني هجڻ باوجود به ملازمن جو معاشي استحصال جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.