ڪشمور ۾ پهتل ڀاڻ آبادگارن ۾ ورهائڻ بدران ڊيلر حوالي، احتجاج

ڪشمور( رپورٽ :  دليپ ڪيسواڻي) ڪشمور ۾ ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو بند نه ٿيو سونا يوريا ڀاڻ جي في ٻوري 29 سئو رپين ۾ بليڪ تي وڪرو ھلندڙ مقامي آبادگارن، محبوب شر دلي جان مزاري نياز حسين سولنگي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي طرفان مقرر فوڪل پرسن ڪمپني کان ڀاڻ جا ايندڙ يوريا ڀاڻ جا ٽرالر آبادگارن کي 1770 تي نيلام ڪرڻ بدران ڀاڻ ڊيلرن سان ملي ڀڳت ڪري بليڪ تي وڪرو ڪرائڻ ۾ مصروف آهي ھر ڀاڻ جي گاڏي تي سندس ڪميشن مقرر ٿيل آهي ڪشمور ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل ڀاڻ نه ملڻ سبب تباهه برباد ٿي رهيو آهي پر انتظاميه ڀاڻ ڊيلرن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن غريب پورهيتن کان ھڪ ھزار رپيا في ٻوري تي وڌيڪ ورتا وڃن ٿا جنهن ڪري آبادگار سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ڪشمور جي آبادگارن ڪمشنر لاڙڪاڻو، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ زراعت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪشمور ۾ ڀاڻ جي نالي تي آبادگارن سان ٿيندڙ ڪلور جو نوٽيس ورتو وڃي ٻئي پاسي آبادگارن جي الزامن جي جواب ۾ رابطو ڪرڻ تي فوڪل پرسن ارشاد کوسو ٻڌايو ته الزام به بنياد لڳايا پيا وڃن تحويل ۾ ورتل ٽرالر ڀاڻ ڊيلر نرمل داس پاڻ آبادگارن کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.