ميهڙ لڳ تيز رفتار ڪار 8 سالن جي نينگر کي زخمي ڪري ڇڏيو

ميهڙ( س ر ) ڪولاچي انڊس هاء وي تي تيز رفتار ڪار جو روڊ ڪراس ڪندڙ 8 سالا معصوم ٻارڙو حسنين ولد امجد علي چنو کي ٽڪر لڳڻ جي  نتيجي سخت زخمي ٿي پيو زخمي  ٻارڙي کي وارثن پاران فوري طور تعلقي اسپتال ميهڙ پهچايو جتان ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران طبي امداد ڏئي ڪري وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ڪار پوليس پنهنجي تحويل وٺي ڇڏي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.