سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي: راشد سومرو

جيڪب آباد ( ڊ ر ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي مجلس عامله جو اجلاس مولانا عبدالڪريم عابد جي صدارت ۾ جي يو آءِ جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ قائد سنڌ جي يو آءِ علامه راشد محمود سومرو عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي صورت حال تي تفصيلي روشني وڌي، انهن چيو ته فارين فنڊنگ ڪيس جي رپورٽ عمران خان جي ايمانداري جو ان جي چهري تي بد نما داغ آهي جيڪو ان جي حڪومت جي خاتمي جي لاءِ ڪافي آهي، جنهن عوام جي پئسن تي عياشي ڪئي، اجلاس ۾ سڄي صوبي کان عامله شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ هر سطح تي تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي ان لاءِ سنڌ جي حقن جي لاءِ پوري صوبي ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي ان سلسلي ۾ ڪرپشن مٽايو مهم جو جلد آغاز ڪيو ويندو، ۽ سنڌ جي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرس ۾ ڪنوينشن منعقد ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو ۽ چيف منسٽر هائوس سنڌ جي گهيراءُ جي تاريخ جو به جلد اعلان ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ کان لکين عوام ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪندا، وڌيڪ 23 مارچ تي اسلام آباد مهانگائي مارچ جي ڪاميابي جي لاءِ تياري ڪرڻ جي جي يو آءِ جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪري ڇڏي آهي، اجلاس ۾ هر سطح تي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور تياري جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 30 جنوري تي جي يو آءِ ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪراچي ۾ جي يو آءِ سنڌ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ خصوصي خطاب ڪندا، اجلاس ۾ قائد سنڌ علامه راشد محمود سومرو وفاقي حڪومت جي مني بجيٽ کي رد ڪندي چيو ته اهو عوام جو رت پيئڻ بعد مڊل لوئر ڪلاس طبقي جي جسم جي کل لاهڻ جي برابر آهي اجلاس ۾ مولانا عبدالڪريم عابد اعلان ڪيو ته قائد سنڌ علامه راشد محمود سومرو ۽ ٻين کي مسجدن جي مسئلي تي احتجاج ڪرڻ تي ڪو به نوٽيس جاري ٿيو ته سڄي سنڌ کان لکين ماڻهن سان گڏ وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.