منظورآباد ۾ پلاٽ مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 11 ڄڻا زخمي 

مانجهند (ن ع آ) منظورآباد ۾َ بليلاڻي  کوسا برادري جي ٻن ڌرين  ۾َ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ڌرين طرفان  لٺين  سروٽن لتن مڪن جو آزادانا استعمال ڪيو ويو خاڻوٺ پوليس اطلاع باوجود دير سان پهچڻ سب ب  علائقو ٻن ڪلاڪن تائين ميدان جنگ بڻيل رهيو  جهيڙي ۾  محمد حسن, پير ڏنو حاڪم علي, راشد علي,مسمات حاڪم زادي, مسمات مراد خاتون,مسمات ڦناز بانو, مسمات بانکو,فتح علي, حيدر علي ۽ شاھ ڏنو سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي وارث  خاڻوٺ ٿاڻي تان ميڊيڪل ليٽر ڏئي  تعلقه  اسپتال مانجهند کڻائي پهتي جتي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد  منتقل ڪيو ويو آهي خاڻوٺ پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.