”هر پاڪستاني قرضي آهي، ملڪ ڪنگال ۽ وزيراعظم امير ٿيندو پيو وڃي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻن شازيا مري ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي واضح ڪري ٿي ته ڪنهن جي سپورٽ سان آئي آهي، انهن کي عوام جي ڳڻتي ناهي، تنهن ڪري ئي اسان انهن کي سليڪٽڊ چئون  ٿا.

پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ فيڊرل ڪائونسل جي گڏيل هائبرڊ اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي ايم اين اي شازيا مري چيو ته ملڪ ڪنگال ۽ وزيراعظم امير ٿيندو پيو وڃي، پاڪستان جو قرض تاريخي سطح تي آهي ۽ هر شخص تقريبن پوٽن ٻن لکن جو قرضي ٿي ويو آهي.

هن چيو ته کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن ۽ قرض تاريخي سطح تي پهچي ويو آهي، انهن حالتن تي ميمبرن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، عمران خان جو ٽيڪس هڪ سال ۾ 58 سيڪڙو وڌيو آهي، وزيراعظم امير ٿي رهيو آهي ۽ غريب ويتر غريب پيو ٿئي.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اڄ پي ڊي ايم سربراهه به اها ئي ڳالهه ورجائي رهيو آهي، جيڪا پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم قائم ٿيڻ جي پهرئني ڏينهن ڪئي هئي ته جمهوري طريقي ڪار سان حڪومت کي ڪيرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.