سوني دنيا جي پهرين ڪوانٽم ڊوٽ ٽي وي متعارف ڪرائي ڇڏي

سوني پنهنجو ۽ دنيا جي پهرين ڪوانٽم ڊوٽ او ايل اِي ڊي ٽي وي متعارف ڪرائي آهي.

آمريڪا لاس ويگاس ۾ هڪ ٽيڪنالوجي نمائش دوران سوني جي ان انوکي ٽي وي براويا ايڪس آر اي 95 کي پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيو ڊي او ايل اِي ڊي (ڪوانٽم ڊوٽ آرگنگ لائيٽ ايميٽنگ ڊائيوڊ) پينل کي سام سنگ تيار ڪيو آهي.

اها ٽي وي 55 ۽ 65 انچن جي ڊسپلي ۾ دستياب هوندي ۽ ٻنهي ۾ 4k ريزولوشن ڏني وئي آهي.

ان کان اڳ افواهون هيون ته سام سنگ طرفان دنيا جي پهرين ڪوانٽم ڊوٽ او ايل اي ڊي ٽي وي کي به ان نمائش ۾ پيش ڪيو ويندو پر ائين نه ٿيو.

سام سنگ ڊسپلي ڪيو ڊي او اي اي ڊي ۾ او ايل اِي ڊي جا بهترين فيچرز جنهن سان گڏ ڪوانٽم ڊوٽ جا فيچرز به آهن يعني بهتر برائٽنس ۽ وڌيڪ سٺا رنگ وغيره.

سوني طرفان 2 مختلف قسمن جي او ايل اِي ڊي ٽي ويز کي به پيش ڪيو ويو آهي.

انهن مان هڪ اي 95 آهي جنهن سان گڏ هڪ انوکي اسٽينڊ ڏني وئي آهي جنهن ۾ ٽي وي جي پوزيشن کي پنهنجي مرضي موجب تبديل ڪري سگھجي ٿو.

اے 95 کا اسٹینڈ — فوٹو بشکریہ سونی

ان ۾ 4 ڊي ايم آءِ ان پٽس موجود آهن.

ٻين اي 90 ڪي ٽي وي آهي جنهن جي اسٽينڊ ۾ هڪ سائونڊ بار موجود آهي.

اے 90 کے — فوٹو بشکریہ سونی

سون جي نون ٽي وي ماڊلز ۾  4k  گيمنگ سپورٽ 120 هرٽز جي ريفريش ريٽ، آٽو ايڇ ڊي آر ٽو ميپنگ ۽ آٽو لو لويٽنسي موڊ جهڙا فيچرز به موجود آهن.

سوني طرفان ان جي دستيابي جي تاريخ ۽ قيمتن جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.