عذرا پيچوهو جو اومي ڪرون جي پکيڙ بابت اهم بيان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته شادين جي سيزن سبب وائرس پکڙجي رهيو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عذرا پيچوهو چيو ته اسان وٽ ڊيلٽا وائرس موجود آهي ۽ اومي ڪرون امپورٽڊ آهي، جڏهن ته اومي ڪرون جي پکيڙ وڌيڪ آهي، شادين جي سيزن آهي، جنهن سبب وائرس پکڙجي رهيو آهي.

هن چيو ته اسان شروع ۾ ويڪسين جي خريداري لاءِ ڊريپ کي درخواست ڪئي هئي، ڊريپ ويڪسين جي خريداري جي اڃا تائين اجازت ناهي ڏني، وفاقي حڪومت ويڪسين فراهم ڪري رهي آهي، تنهن ڪري اسان کي امپورٽ ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

واضح رهي ته سنڌ ۾ اومي ڪرون سبب ڪورونا ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيندي پئي وڃي، جنهن جي پکيڙ روڪڻ لاءِ صوبائي صحت کاتو ڪاروباري وقت محدود ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي طرفان مختلف ضلعن ۾ اسڪول بند ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان حتمي فيصلو ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.