ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄ سالگرهه

لاڙڪاڻو (ڊ ر) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 94 هين سالگرهه اڄ ملهائي ويندي. پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي سڏ تي سنڌ جي ٻين شهرن جيان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ ڪوٺائي ويندي جنهن ۾ پيپلز پارٽي ضلعي، تعلقي، سٽي سميت ليڊيز ونگ، يوٿ ونگ، سپاف، ليبر بيورو، ڊاڪٽرس فورم، پيپلز هاري ڪاميٽي ۽ ٻين ذيلي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شرڪت ڪري سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيندا. جڏهن ته تقريب کي پارٽي اڳواڻ خطاب ڪندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪنداجڏهن ته پ پ جي سي اي سي جو اجلاس اڄ لاهور ۾ طلب ڪيو ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري صدارت ڪندو، اجلاس ۾ شهيد ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.