ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ دريا خان لغاري ۾ رات دير بعد گهرو اڻبڻت کان نوجوان مير محمد لغاري گهر اندر ڦاهو کاهي خودڪشي ڪري ڇڏي اطلاع بعد حد جي متارو پوسٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي نوجوان جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد نوجوان ميرمحمد لغاري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.هوڏانهن نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،ٻئي پاسي پوليس پاران واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.