سنڌ جو زمينون غيرقانوني طور بلڊرن کي ڏنيون پيون وڃن

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ جون زمينون غير قانوني نموني بلڊر مافيا حوالي ڪيون پيون وڃن۔ سنڌ حڪومت ۽ ڪرپٽ ڪامورا شاھي سھولتڪار بڻيل آھي. ڪراچي، ساحلي پٽي کانپوءِ ھاڻي ڪوھستان جون زمينون ڪوڙن کاتن ذريعي غيرمقامي ماڻھن جي نالي ڪيون پيون وڃن. مقامي وڏيرا ڪميشن لاءِ قبضا ڪرائي رھيا آھن، ڪراچي کان ويندي ڄامشورو تائين سپر ھاءِ وي جي ٻنھي پاسن کان لکين ايڪڙ زمين مختلف ماڻھن کي ڏني وئي آھي، جيڪي مقامي ماڻھن کي زبردستي لڏائي مختلف منصوبا جوڙي رھيا آھن۔ مقامي ماڻھن جي ڪو فرياد ٻڌڻ وارو ناھي. پ پ پ حڪومت سنڌ جي ماڻھن جي حقن جي تحفظ بدران انھن ماڻھن جي پيرن ھيٺيان زمين ڪڍي رھي آھي۔ سڄي سنڌ ۾ من پسند ڪامورا آڻي انھن کان پنھنجي مرضي مطابق غيرقانوني ڪم ورتو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته جيڪڏھن سنڌ جي زمينن جا کاتا ڪوڙن ڪاغذن ذريعي ڌارين کي ملندا رھيا ته سنڌي ماڻھو پنھنجي وطن ۾ بي وطن ٿي ويندا ۽ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا۔ اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ خلاف سازش پاڪستان خلاف سازش آھي، ڪري ملڪ دشمن سازشون بند ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.