موهن دڙي لڳ جي ڊي اي اڳواڻ جي سرپئچي هيٺ جرڳو، 15 لک ڏنڊ مقرر

موهن جو دڙو ( ن ع آ ) ٻلهڙيجي  واسي  50 ورهين جي علي شير چوهاڻ کي 20 سال اڳ سندس ناٺي محمد علي چوهاڻ گهرو معاملي تان  ڪهاڙين جا وار ڪري بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو هو. جنهن تان جوابدار ۽ فريادي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن باقراڻي ڀرسان علي آباد ۾ جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف انڙ جي سرپئنچي ۾ ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڇڪتان جو راڄوڻي نبيرو ٿيو. فيصلي ۾ ٻنهي ڌرين جي شاهدن سميت جوابدار ۽ فريادي ڌر جي ماڻهن محمد حسن چوهاڻ، عيدن چوهاڻ، قربان چوهاڻ، الهه بچايو، چوهاڻ، حاجي رسول بخش، حاجي صفر، واحد بخش چوهاڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد جوابدار محمد علي چوهاڻ تي ڳوٺاڻي علي شير چوهاڻ جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيو. فيصلي ۾ جوابدار ڌر تي 15 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جنهن تي ٻئي ڌريون راضي ٿي ويون. جڏهن ته مقرر ڌنڊ جي رقم 4 مهينن اندر ادا ڪئي ويندي. جوابدار ڌر ميڙ وٺي بخشائيندو. واضع رهي ته جوابدار  سهري جي قتل ڪيس ۾ جيل ۾ ھو جيڪو گذريل مهيني ڪورٽ پاران 18 سالن سزا ڪاٽڻ بعد آزاد ٿيو هو. جنهن بعد ڌرين ۾ تڪرار جو نبيرو ٿيو. جڏهن ته جوابدار محمد علي چوهاڻ سهري علي شير چوهاڻ کي قتل ڪرائڻ جو الزام سندس پٽن تي مڙهيو هو ته هنن جي چوڻ تي ئي هن سهري کي قتل ڪيو هو پر فيصلي ۾ اهو الزام ڪوڙو ثابت ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.