صوبائي وزير ناصر شاهه مٺي پهتو، اسپتال سميت آر او پلانٽن جو دورو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد پاران 8 جنوري تي مٺي اچڻ واري دوري بعد سنڌ حڪومت ٿر ۾ سرگرم ٿي وئي آهي، حڪومتي مشينري کي ٿر ۾ لاهڻ بعد پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جو صوبائي وزير سيد ناصر حُسين شاھ به ٻن ڏينهن کان مٺي ۾ لهي پيو آهي، صوبائي وزير ناصر شاھ پاران سول اسپتال مٺي سميت آر او پلانٽ جو دورو ڪرڻ سان گڏ چونڊيل نمائيندن ۽ ضلعي انتظاميا سان اهم گڏجاڻي ڪري حڪومت جو پيغام ڏنو، صوبائي وزير پاران ضلعي انتظاميا کي غلطيون دُرست ڪرڻ جو اهم ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چونڊيل نمائيندن کي به ڪمن ڪارن ۾ آن بورڊ وٺڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي،مٺي شهر کي وڌيڪ خوبصورت ڪري پيش ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي،اُنهي سلسلي ۾ صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ ڊپارٽمينٽ سيد ناصر حسين شاھ مٺي ۾  لوڪل گورنمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ کاتي جي آفيسرن سان گڏجاڻي ڪندي ٿرپارڪر ضلعي ۾ پئيڻ جي پاڻي جي فراهمي بابت پيش ايندڙ مسئلن بابت تفصيلي آگاهي ورتي،ان موقعي تي صوبائي وزير پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۽ لوڪل گورنمينٽ سيد ناصر حسين شاھ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته پاڻي زندگي آهي ۽ سنڌ حڪومت ٿرپارڪر جي ماڻهن کي پئيڻ جي پاڻي جي بنيادي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، هاڻي لاڳاپيل آفيسرن جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي پئيڻ جي پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ تڪڙا ۽ موئثر قدم کڻن، هن پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ بند پيل آر او پلانٽس کي فعال بنائڻ لاءِ ھڪ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي آهي،جنهن جي رپورٽ بعد انهن کي جلد فعال بڻايو ويندو ته جئين ماڻهن کي پيئڻ جي فراهمي جي سهولت مهيسر ٿي سگهي،ان کان علاوه آر او پلانٽس آپريٽرن جي پگهارن جي حوالي سان جيڪي به مسئلا آهن،انهن کي جلد حل ڪيو وڃي،ان کان بعد صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ سيد ناصر حسين شاھ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي سان گڏجي سول اسپتال مٺي جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ داخل مريضن کان علاج معالج جي سهولتن بابت آگاهي ورتي،دوري دوران صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ايم ايس سول اسپتال مٺي  ڊاڪٽر زاهد محمود آرائين کي هدايت ڪئي ته اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي علاج معالج جي سهولتن ۽ دوائن جي فراهمي،اسپتال ۾ صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي،دوري دوران صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ سيد ناصر حسين شاھ سول اسپتال مٺي ۾  پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي پگهارن جي حوالي سان احتجاج ڪندڙ عملي کي يقين ڏياريو ته انهن جي پگهارن جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو،ان کان بعد صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ سيد ناصر حسين شاھ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي  سان گڏجي مالڻهور ويڻا،مٺڙيو ڀٽي،هريار ۽ گوڌيار ۾ لڳل آر او پلانٽس جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بابت آگاهي پڻ ورتي،ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جو صلاحڪار دوست علي راهمون،ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي،سينيٽر ۽ پي پي پي ضلعي صدر ٿرپارڪر انجنئينر گيانچند،ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو،پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ ۽ لوڪل گورنمينٽ کاتي جي آفيسر ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.