پي سي بي ايوارڊز 2021 لاءِ نامزدگين جو اعلان، شاهنواز ڏاهاڻي به شامل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 2021 جي ايوارڊز لاءِ مختلف ڪيٽيگرين ۾ نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جو فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پڻ شامل آهي.

پي سي بي طرفان اعلانيل ڪيٽيگرين ۾ ميچ وننگ پرفارمنس آف دي ايئر، ايمرجنگ ڪرڪٽر آف دي ايئر، ون ڊي ڪرڪٽر آف دي ايئر، وومينز ڪرڪٽر آف دي ايئر ۽ ٽيسٽ ڪرڪٽر آف دي ايئر شامل آهن.

ميچ وننگ پرفارمنس آف دي ايئر ڪيٽيگري لاءِ فواد عالم، محمد رضوان، شاهين آفريدي ۽ حسن علي کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پي سي بي ايوارڊز لاءِ ون ڊي ڪرڪٽر آف دي ايئر جي ڪيٽيگري ۾ بابر اعظم، فخر زمان، حارث رئوف ۽ شاهين آفريدي نامزد ڪيا ويا آهن.

ايمرجنگ ڪرڪٽر آف دي ايئر ڪيٽيگري لاءِ به 4 اميدوار نامزد ڪيا ويا، جن ۾ شاهنواز ڏاهاڻي، ارشد اقبال، اعظم خان ۽ محمد وسيم جونيئر شامل آهن.

وومينز ڪرڪٽر آف دي ايئر لاءِ عاليا رياض، انعم امين، فاطمه ثنا ۽ ندا ڊار کي شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.