سنڌ حڪومت ملير ايڪسپريس وي تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ملير ايڪسپريس وي تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو.

مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي هدايت تي ملير ايڪسپريس وي منصوبي جو ڪم تيز ڪيو ويو آهي.

ملير ايڪسپريس وي پراجيڪٽ تي هيوي مشينري شاهه فيصل ڪالوني واري هنڌان به ڪراس ڪري وئي، مشينري ذريعي اڳ ۾ ندي ۾ رستو ٺاهڻ جو ڪم تيز ڪيو ويو.

ذريعن موجب ملير ايڪسپريس وي منصوبي جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر نياز سومرو ڪم تيزي سان مڪمل ڪرائڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پاڻ ان ميگا پراجيڪٽ جي نگراني ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.