ملڪ بچائڻو آهي ته عمران نيازي کي ڀڄائڻو پوندو:نثار کهڙو

ڪورنگي (رپورٽ اميرجان چانڊيو ) پ پ سنڌ صدر نثار احمد کهڙي چيو ته جي ڊي اي وارا وزارت جي آسري ۾ پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏئي رهيا آهن. پيپلزپارٽي رنگ، نسل ۽ لسانيت واري سياست ناهي ڪندي. عمران خان هاڻي دنيا اڪيلو رهجي ويو آهي، عوام جو ٽيڪس بني گالا جي بورچي خاني ۾ خرچ ڪيو وڃي ٿو. هن اهڙو اظهار ڪورنگي جي چڪرا ڳوٺ ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطب ڪندي ڪيو سندس وڌيڪ چوڻ  هو  ته هاڻي ملڪ بچائڻو آهي ته عمران نيازي کي ڀڄائڻو پوندو. پي ٽي آءِ وارا پنج سال پورا ڪن سڀاڻي ايئن نه چون ته کين حڪومت نه ڪرڻ ڏني وئي ۽ جيڪڏهن حڪومت ڪرڻ ڏني وڃي ها ته ملڪ کي ترقي ڏياريون ها. هن چيو ته سال 2021 ۾ رڪاڊ  خودڪشين جا واقعا ٿيا آهن. عاشق چانڊيو پي ايس پي کي الوداع ڪندي باظابطه طور پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو .ان موقعي تي جاويد شيخ، جاني ميمڻ، مرزا مقبول، عاشق چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته ڪورنگي ضلعو هاڻي پيپلزپارٽي جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي.اڄوڪي جلسي مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن.ايم ڪيو ايم، ن ليگ ۽ ٻين پارٽين جا ڪارڪن اڳواڻ  مايوس ٿي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪري رهيا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.