فضل الرحمان پاران قومي سياست جي اڳواڻي ڪرڻ بدقسمتي آهي: فواد چوڌري

فيصل آباد (م ڊ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان پاران قومي سياست جي اڳواڻي ڪرڻ بدقسمتي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته احتساب جي ايجنڊا تي چونڊون کٽيون آهن پر عام ماڻهو مطمئن ناهي ۽ ووٽر سمجهي ٿو ته احتساب مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان احتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽيو. فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي ۽ (ن) ليگ علائقائي پارٽي آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ کان محروم ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير کي لڳي ٿو ته صحت ڪارڊ سان هن جي سياست متاثر ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته جي يو آءِ يا ٽي ايل پي جون چونڊون کٽڻ بدقسمتي جي نشاني آهي. وڏين سياسي پارٽين جي ناڪامي جو سبب فرقيوارانه پارٽيون مٿي اينديون ته نقصان ٿيندو. وڏين سياسي پارٽين کي خيال ڪرڻ گهرجي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.