پ پ سي اي سي جو اجلاس سڀاڻي بلاول هائوس لاهور ۾ طلب

لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي 5 جنوري تي 2 وڳي بلاول هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي وچ پنجاب جي سيڪريٽري اطلاعات شهزاد سعيد چيمه چيو آهي ته سي اي سي جي اجلاس جي صدارت بلاول ڀٽو زرداري ڪندو، جڏهن ته فيڊرل ڪائونسل جو اجلاس پڻ سڀاڻي ٿيندو. بعد ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو ويندو. هن بڌايوته 6 جنوري تي شام جو پنجين وڳي پنجاب ايگزيڪيوٽو جو ا جلاس بلاول هائوس ۾ ٿيندو. رات جو شرڪت ڪندڙن جي اعزاز ۾ رات جي ماني جو بندوبست ڪيو ويندو.

  • نيب حيدرآباد جي ٽنڊي محمدخان ۾ ڪارروائي، اڳوڻو ٽي ايم او سجاول گرفتار

حيدرآباد(رپورٽر) نيب حيدرآباد ٽيم جي ٽنڊو محمد خان ۾ ڪارروائي. ٽائون ڪميٽي سجاول جي اڳوڻي ٽي ايم او سليمان ملاح کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ٽائون ڪميٽي سجاول جي ترقياتي ڪمن ۾ لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ٿيل آهي. جنهن ۾ هو 2018ع کان لاڳيتو روپوش هو. اڳوڻي ٽي ايم او جي گرفتاري بابت نيب پاران سڌي ريت تصديق نه ڪئي وئي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن شام ڌاري نيب کيس ٽنڊو محمد خان مان گرفتار ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو آهي ۽ اڄ کيس رمانڊ لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.