سلمان تاثير انتهاپسندي خلاف اٽل رهيو: پيپلز پارٽي

لاهور( م ڊ) پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي يارهين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته سلمان تاثير انتهاپسندي خلاف اٽل رهيو. سلمان تاثير کي ڀيٽا پيش ڪندي پ پ جي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات منور انجم چيو ته هن سماج جي ڪمزور طبقي لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏني. هن چيو ته پيپلز پارٽي مذهب، نسل يا لسانيات تي ٻڌل قانون جي غلط استعمال خلاف آهي.پنجاب جي 26هين گورنر کي 4 جنوري 2011ع تي قتل ڪيو ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.