بدبودار معاشرو ۽ حيوانيت واريون صفتون

طفيل مگسي

جڏھن به ڪنهن معاشري ۾ غربت، جهالت،ظلم ستم، ڏاڍ جبر ، زيادتي ۽ بي انصافي ۽ ٻيا ڏوھ وڌي وڃن ٿا ته اهڙي خراب ترين معاشري کي حيوانيت سان ڀيٽا ڏني ويندي آھي.۽ ان جي قانون کي جهنگ جو قانون ڪوٺيو ويندو آھي.اڄ جنهن قسم جا ڏوھ اسان جي معاشري ۾ عام آھن.اهي ٻين جانورن کان اخلاقي برتري جي سمورين دعوائون رد ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آھن.ڇا ٻيا جانور به ٻارڙن سان ريپ ڪرڻ کانپوءِ انهن کي قتل ڪري ڇڏين ٿا يا اهي.

ڪنهن مئل جانورن سان ايئن ريپ ڪن ٿا.جيئن انسان جي صورت ۾ بگهڙ صفت درندا ڪن يا ڪن ٿا؟ اڄ سان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا اهو هڪ غير فطري .بيمار ۽ نهايت بدبودار معاشرو آھي.جنهن ۾ اڪثريت محنت ڪش ۽ پورهيت طبقي جو ساهه ٻوساٽجي ٿو.انسان مهذب ان وصت هوندو آھي جڏھن سندس سموريون ضرورتون پوريون هجن يا ٿين .

هن ڳالھه جي تاريخ شاھد آھي ته جڏھن اهي ضرورتون پوريون ٿين ٿيون ته انسان کان وڏو درندو ڪو به ناهي هوندو.جيڪو آدم خوري.چوري ۽ ريپ سميت انيڪ قسمن جي ڏوھن کان به نٿو ڊپي.

هونئن به ڏٺو وڃي ته جيڪو به معاشرو جڏھن زوال پذير هوندا\ ٿيندو آھي ته اهو اڪثريتي انسانن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لائق ناهي رهندو ۽ جيڪو زوال اڪثر انقلابن جي ڪاميابي واري صورت ۾ هڪ نئين نظام جي قيام سان گڏ نئين عروج کي جنم ڏيئي ٿو.

جڏھن ڪو نظام تاريخي طور تي زوال پذير ٿي وڃي ته ان کي بدلائڻ جي حوالي سان انقلابي تحريڪن جي عدم موجودگي ۾ نظام جو زوال ۽ بحران زندگي جي سمورن شعبن ۾ نقصان ۽ پستي جي صورت ۾ اظھار ڪندو آھي

ڪوڙ.بي ايماني.ٺڳي.ملاوٽ.رشوت.قتل۽ ٻين قسمن جا انيڪ انسانيت سوز ڏوھ عام ٿي وڃن ٿا.فرد انفرادي طور تي پنهنجين ضرورتن جي پورائي جي لاءِ جائز ۽ ناجائز رستا اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا .

اهڙي بيٺل پاڻيءَ جيان ڌپ ڪري ويل سماج ۾ ڪيترائي نفسياتي مرض جنم وٺن ٿا.جن جي سبب کان انسان ٻئي انسان کي تڪليف ۽ اذيت ڏئي ڪري پاڻ خوشي محسوس ڪري ٿو.جيئن لينن چيو هو“غربت جڏھن انقلاب پيدا نٿي ڪري ته ڏوھ پيدا ڪري ٿي

اڄ سرمائيداراڻي معاشري تي نظر وڌي وڃي ته سموري دنيا ۾ اسان کي هرپاسي ان نظام جون خرابيون ۽ بيماريون نظر اچن ٿيون.

جتي سرمائيداري جي بي ڍنگي نظام ۾ ترقي ٿي آھي.اتي انهن معاشرن ۾ نهايت ڀيانڪ اثر پڻ مرتب ڪري رهيو آھي .معاشي پستي سان گڏوگڏ ثقافتي ۽ اخلاقي پستي به آسمان کي ڇهي رهي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.