عوام جو رت پيئندڙ حڪمران…

تحرير؛محمد فاروق ٻرڙو قادري

        وفاقي حڪومت نئين سال جي شروعات ۾ ئي سال 2022 جي جنوري جي پهرين تاريخن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ وارو اضافو ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وفاقي وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت 4 روپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 144 روپيا 82 پئسا ٿي وئي، ناڻي واري وزارت ٻڌايو ته ھاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت به 4 روپيا في ليٽر وڌائي وئي جنهن کان پوءِ نئين قيمت 141 روپيا 62 پئسا في ليٽر ٿي وئي، گاسليٽ جي قيمت 3 روپيا 95 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ نئين قيمت 113 روپيا 53 پئسا ٿي وئي، لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 روپيا 15 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 111 روپيا 6 پئسا في ليٽر ٿي وئي،

     حڪمرانن کي شايد خبر ئي ناهي ته ھن ملڪ جا ماڻهو ڪيئن ته مھانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن ڇا عوام کي مھانگائي جي گھاڻي ۾ پيڙھڻ ان جي تقدير بدلائڻ جھڙا قدم آهن، وفاقي حڪومت ٽيون ڀيرو تيل جا اگهه وڌائي عوام جي رت نپوڙڻ لاءِ ڪسر پوري ڪري ڇڏي آهي، ڪجهه وقت کان اگھه ڪراچي ۾ سي اين جي مالڪن پڻ گئس جو في ڪلو ساڍا ٽي روپيا اگهه وڌائي عوام جي چيلهه چٻي ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي وئي، ڀلا ٻڌايو وڃي ته حڪومت پاران عوام کي ڪھڙو رليف مليل آهي، ھتي ته نه بجلي آهي نه گئس آهي،نه اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون آهن ۽ نه ئي ماڻهن کي صاف پاڻي ميسر آهي، عوام سان وڏي ۾ وڏو ظلم اھو آھي ته ھڪ ته انھن جي مناسب ڪمائي نه ٿي رھي آھي، ٻيو وري ھر شيءِ مھانگائي جي ڪري مھانگي ھجڻ ڪري ان کان خريد واري سگهھ موڪلائي وئي آهي،

         تيل جي اگھن ۾ واڌ جي ڪري عوام جي مٿان مھانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي، ڀلا عوام جو ڪھڙو ڏوھ آهي جو ان جي رت کي نپوڙيو پيو وڃي؟ اسان سمجهون ٿا ته تيل جي اگھن ۾ واڌ جو حڪومتي فيصلو عوام دشمن آهي، تنھن ڪري عوام دشمن قدمن کي گڊ گورننس ترقي، معيشت جي بهتري ۽ سماجي سڌارا نه ٿو چئي سگهجي سرڪار کي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيل اگھن ۾ واڌ واپس وٺڻ گھرجي،

    ھوڏانھن وري سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري 1768 روپيا في ٻوري بدران ھاڻ 3000 ھزار روپين تائين بليڪ تي وڪرو ڪئي پئي وڃي، بليڪ وڪرو ڪرڻ سبب ۽ بليڪ وڪرو ڪرڻ خلاف سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، اھو احتجاج ھاڻي تحريڪ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي پر حڪمرانن جي ڪنن تي اڃا تائين ڪا به جونءِ نه پئي چري، ڪجھه ڏينهن کان ٽي وي چئنلز ۽ اخبارن ۾ پڻ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادگارن ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاج جو سلسلو جاري رهيو آهي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.