باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، باڊهه مومينٽ جي سڏ تي سياسي سماجي اڳواڻن جي ريلي

ڏوڪري / باڊهه ( نمائندن وٽان ) باڊھ تعلقي مومينٽ پاران باڊھ کان ڏوڪري پريس ڪلب  تائين ريلي ڪڍي وئي. باڊھ تعلقي مومينٽ ڪنوينر علي محمد بروهي، ڊپٽي ڪنوينر زيب ساريو، عزيز بروهي، جسقپ اڳواڻ دودو ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باڊھ کان ڏوڪري پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي باڊھ تعلقي مومينٽ جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باڊھ قديمي ۽ تاريخي شهر آهي، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آبادي جي لحاظ کان باڊھ ٻيو نمبر وڏو شهر آهي.  ڏوڪري شهر پنج وارڊن تي مشتمل آهي پر پوءِ به ان کي تعلقي جو درجو مليل آهي جڏهن ته باڊھ شهر 14 وارڊن تي مشتمل آهي. هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ ڏوڪري ۾ باڊھ کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو جيڪو اعلان ئي رهجي ويو آهي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته باڊھ کي تعلقي جو درجو ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ تحريڪ جاري رهندي، ريلي ڏوڪري شھر ۽ بعد  ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳ موئن جو دڙو جي مک گيٽ وٽ پهچي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.