سنڌ ۾ کنوڻ سان گڏ هلڪي ۽ تيز برسات جي اڳڪٿي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ هفتي هلڪي ۽ تيز مينهن جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات وسائيندڙ اهو سسٽم سومر کان بلوچستان رستي ملڪ ۾ داخل ٿيندو.

ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ ٿيو هو ۽ 30 ڊسمبر تي موسميات کاتي چيو هو ته ڪراچي شهر ۾ ٻيو وسڪارو جنوري جي پهرئين هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي.

اڄ جاري ٿيل ايڊوائزري ۾ موسميات کاتي چيو آهي ته تيز اولهه لهر سومر کان اتر بلوچستان ۾ داخل ٿيندي، جيڪا آهستي آهستي وچ ۽ اپر سنڌ ۽ پوءِ تقريبن سڄي ملڪ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻيندي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، بدين، ٺٽي، ميرپورخاص، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ کنوڻ سان گڏ هلڪي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي.

اهڙي ريت دادو، ڄامشوري، شهيد بينظير، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻي، قمبر – شهدادڪوٽ ۾ به ان دوران تيز برسات پئجي سگهي ٿي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ برسات جو سلسلو 4 کان 7 جنوري تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.