ماهرن اومي ڪرون جون وڌيڪ علامتون ٻڌائي ڇڏيون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي طبي ماهرن ڳاڙهين اکين ۽ جلد جي خارش کي به اومي ڪرون جون علامتون قرار ڏنو آهي.

آمريڪي ماهرن تازو ئي هڪ مطالعو ڪيو آهي، جنهن ۾ اومي ڪرون ۽ ڪورونا وائرس جي علامتن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان دوران تحقيقي ٽيم ڪورونا متاثرن جي ڄاڻ گڏ ڪئي ۽ انهن جي جسم ۾ ٿيندڙ تبديلين جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪئي.

ماهرن موجب ڄاڻ مان اها ڳالهه سامهون آئي ته تازو ئي جن ماڻهن کي ڪورونا يا اومي ڪرون ٿيو انهن ۾ روايتي علامتون جهڙوڪ، بخار، ساهه ۾ تڪليف، نزلو، جسم ۽ مٿي ۾ سور سميت ٻيون علامتون ظاهر نه ٿيون پر 3 سيڪڙو مريضن کي اکيون ڳاڙهيون، وار ڪِرڻ ۽ جلد متاثر ٿيڻ جو شڪايتون هيون.

ماهرن موجب ڪورونا وائرس جسم ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اينزائم 2 ۾ تبديل ٿي اکين ۽ خاص ڪري ريٽينا کي متاثر ڪري ٿو، جنهن سبب ماڻهن جي اکين جي اڇاڻ ڳاڙهي ٿيڻ، اکين ۾ خشڪي، خارش ۽ سوڄ جي شڪايت ٿئي ٿي.

آمريڪن اڪيڊمي آف ڊرمٽالوجي ايسوسيئيشن جي ماهرن ٻڌايو ته مطالعي دوران ڪجهه اهڙيون شاهديون به سامهون آيون جنهن جي بنياد تي اسان اهو چئي سگھون ٿا ته متاثر شخص جا وار تيزي سان ڪِرن ٿا.

ماهرن ٻڌايو ته بخار ۽ مدافعتي نظام جي ڪمزوري سان انسان جسماني طور تي ڪمزور ٿئي ٿو، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ اثر انسان جي کوپڙي تي پوي ٿو ۽ پوءِ وار ڪِرڻ شروع وڃن ٿا.

تحقيقي ماهرن ٻڌايو ته شروعاتي 6 مهينن دوران وار گھڻا ڪِرن ٿا جڏهن ته 9 مهيني ۾ اهو سلسلو بيهجي وڃي ٿو ۽ پوءِ وارن جي واڌ ويجهه ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي.

ان کان سواءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن کي اومي ڪرون ٿيو انهن کي جلدي بيماري يا خارش جي  به شڪايت هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.