ڳجهن ادارن جي اهلڪارن گهر ۾ گهڙي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون: سرينا عيسيٰ

ڪراچي(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽريز ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي خط لکي شڪايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ ڳجهن ادارن جي اهلڪارن گهر ۾ گهڙي هراسان ڪرڻ ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. بي بي سي جي رپورٽ موجب سرينا عيسيٰ 31 ڊسمبر تي وفاقي گهرو وزارت، دفاعي وزارت، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ گهرو کاتي کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ الزام لڳايو آهي ته مبينا طور تي فوج ۽ گهرو کاتي جي انٽيليجنس اهلڪارن هراسان ڪيو آهي. سرينا عيسيٰ لکيو آهي ته هي واقعو ڪراچي جي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي فيز فائيو ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن هو پنهنجي مرحومه والده جي گهر جي مرمت ڪرائڻ واري ڪم ۾ مصروف هئي.بي بي سي موجب انهن الزامن تي پاڪ فوج کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ سينيئر آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اڃا تائين دفاعي وزارت يا گهرو وزارت کي سرينا عيسيٰ جي موڪليل درخواست نه ملي آهي، انڪري باضابطا موقف ڏيڻ وقت کان اڳ هوندو، جڏهن ته گهرو وزارت جي هڪ آفيسر به بي بي سي سان ڳالهائيندي اهو چيو ته اڃا تائين  لکت ۾ ڪابه شڪايت نه ملي آهي، بي بي سي موجب سرينا عيسيٰ شڪايتي خط ۾ اهو بيان ڪيو آهي ته 29 ڊسمبر تي ٻنپهرن جو سوا 12 وڳي 2 ماڻهو گهر اندر داخل ٿي آيا، جن جو تعلق ملٽري انٽيليجنس سان آهي. جن مان هڪ ڄڻي پنهنجو نالو محمد امجد ٻڌايو جڏهن ته ٻئي نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. سرينا عيسيٰ جي وڪيل سندس بيان جي ڪاپي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اها ڪاپي ادارن کي اماڻي وئي آهي پر اڃان تائين ڪوبه جواب يا وضاحت سامهون نه آئي آهي. سرينا عيسيٰ خط ۾ اهو به لکيو آهي ته آئون ۽ منهنجي ڌيءُ حيران ۽ پريشان آهيون ته اهي ماڻهو آساني سان گهر اندر ڪيئن داخل ٿي آيا، انهن دعويٰ ڪئي ته هو انٽيليجنس ڊپارٽمينٽ طرفان آيا آهن، هنن خاندان جي باري ۾ سوال پڇيا، هنن ڪو فارم ڀرڻ لاءِ نه ڏنو پر هڪ اهلڪار چيو ته توهان پنهنجو فون نمبر ڏيو، ان تي ئي سوال واٽس ايپ ڪيا ويندا. سرينا عيسيٰ لکيو ته انهن اهلڪارن جي موجودگي ۾ ڊي ايڇ اي جي هڪ سينيئر آفيسر سان فون تي رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته ڊي ايڇ اي ڪي به ماڻهو نه موڪليا آهن نه وري ڊي ايڇ اي، ملٽري اسٽيٽ آفيس يا ڪينٽونمينٽ بورڊ کي اهڙي معلومات جي ضرورت آهي. سرينا عيسيٰ موجب گهر اندر داخل ٿي آيل ماڻهن چيو ته هو هڪ ڀيرو وري ايندا، انڪري بهتر آهي ته معلومات فراهم ڪريو نه ته نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ اي جي هڪ سينيئر آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڊي ايڇ اي پاران گهرن يا ملڪيتن بابت اهڙي قسم جي ڪابه تصديق  يا ويريفڪيشن نه پئي ڪرائي وڃي، جيتوڻيڪ ڪرپشن وارن ڪيسن ۾ جيڪي ماڻهو گهربل هوندا آهن انهن جي صرف جاچ ڪئي ويندي آهي. واضح رهي ته جون 2020ع ۾ سرينا عيسيٰ جي مڙس ۽ سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس جي فيصلي ۾ عدالت ايف بي آر کي سرينا عيسيٰ جي  ملڪيت ۽ ٽيڪس جا معاملا ڏسڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ان جي رپورٽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت به ڪئي هئي. سرينا عيسيٰ خط ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيس دوران پيش آيل ماضي جي ڪجهه واقعن جو به حوالو ڏيندي چيو آهي ته منهنجي خاندان کي ڊيڄارڻ ۽ دٻاءُ وجهڻ جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.