ڀارتي فوجين هڪ وڌيڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر (م ڊ) غيرقانوني طور ڀارتي قبضي هيٺ آيل والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي ۾ گذريل ڏينهن ڪپواڙه ضلعي ۾ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فوجين ڄاڻايل ضلعي جي علائقي جماگنڊ ۾ گهيراءَ ۽ تلاشي دوران کيس شهيد ڪيو. پوليس ٻڌايو ته شهيد ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ اڃا نه ٿي سگهي آهي، آخري اطلاعن تي علائقي ۾ فوجي آپريشن جاري هو، نوجوان جي شهادت کانپوءِ گذريل اربع کان شهيد ٿيل نوجوانن جو انگ 10 ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.